عمران خان کي اڪثريت جو اعتماد حاصل ناهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان بجيٽ رد ڪئي آهي، اها عوام دشمن بجيٽ آهي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جڏهن بجيٽ تي بحث جاري هو، ان تي مني بجيٽ لاڳو ڪئي وئي، جنهن ۾ تيل جا اگهه وڌايا ويا.

هن چيو ته بجيٽ ۾ عوام کي رليف نه ڏنو ويو، اها اسان جي بجيٽ نه هئي پر اسان جا 119 ماڻهو موجود رهيا، وزيراعظم 3 ڏينهن کان پارليامينٽ اچي رهيو آهي، دعوتون ڏنيون پيون وڃن، اڄ ثابت ٿيو ته وزيراعظم کي اڪثريت حاصل ناهي.

سندس موجب اسان چاهيو پئي ته اجلاس ۾ ووٽن جي ڳڻپ ڪئي وڃي، وزيراعظم بجيٽ منظوري لاءِ پارليامينٽ ۾ 172 نمبر پورا نه ڪري سگهيو، اڄ پارليامينٽ ۾ حڪومت جا 160 نمبر هئا، عمران خان کي اڪثريت جو اعتماد حاصل ناهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم جي اتحادي جماعتن ان کي شايد آخري ڀيرو ووٽ ڏنو آهي، چوندا هئا ته 100 ڏينهن ۾ حالتون ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين، حڪومت کي 2 سال ٿي ويا آهن، انهن کان ڪجهه ناهي ٿيو، حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ملڪ جي تباهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.