”پاڪستاني عوام عمران خان کي مينڊيٽ ڏنو، هو استعيفيٰ نه ڏيندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪنهن به ڪورونا جي شڪار ميمبر کي ايوان ۾ اچڻ جي اجازت ناهي ڏني.

قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مخالف ڌر طرفان وزير اعظم کان مستعفيٰ ٿيڻ واري مطالبي تي چيو هو ته عمران خان کي عوام جو اعتماد حاصل آهي هو استعيفيٰ نه ڏيندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته آئون خواجا آصف کي خاطري ڪرايان ٿو ته ڪورونا وائرس جو شڪار ڪنهن ميمبر کي ايوان ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏني نه اسان ايترا غير ذميوار آهيون.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي ڪا به مايوسي ناهي هي هڪ سالياني فنانس بل آهي جيڪو هر سال پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ان غير معمولي حالتن ۾ جهڙي طرح ايوان هلايو ويو ۽ جن مانحن ان جي سربراهي ڪئي، مختلف پارٽين طرفان مختص ڪيل وقت کان کان اڳتي ويندي مخالف ڌر مان ڪنهن ميمبر کي ڳالهائڻو هجي ان کي موقعو ڏنو ويو.

هن چيو ته هي سڄي ڪارروائي سٺي نموني اڳتي وڌي آهي ۽ آئون ڪورونا جي شڪار ڪنهن ميمبر کي ايوان ۾ گهرائڻ جي ترديد ڪيان ٿو.

پرڏيهي وزير مخالف ڌر کي چيو ته چيو ويندو هو ته هنن جي صفن ۾ ٿرٿلو مچي ويو،حڪومتن جي پرواهه ناهي نظريي جو دفاع ڪنداسين، سوديبازي نه ڪنداسين.

هن چيو ته اڄ سڄي قوم ٻڌي ڇڏي ته عمران خان هڪ مقصد جي لاءِ آيو آهي، هن چيو ته آئون پنهنجي اتحادي پارٽين جو ٿورائتو آهيان سو جتن ڪيا ويا پر هو جبل جيان پنهنجي جاءِ تي قائم آهن ۽ رهندا.

شاهه محمود قريشي چيو ته سودو ڪرڻ ناهيون آيا، سوداگر ناهيون نظريي جو سودو نه ڪنداسين.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ ۽ اڄ هڪ پارلياماني ميمبر چيو ته وزير اعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، وزير اعظم استعيفيٰ ڇو ڏئي؟ عمران خان کي ايوان جو اعتماد حاصل آهي، پاڪستاني عوام هن کي مينڊيٽ ڏنو آهي هو استعيفيٰ نه ڏيندو.

هن چيو ته اِهو به چيو ويو ته نوٽيس وٺڻ بند ڪيو اِها ڪرپشن ڪيون، مني لانڊرنگ ڪيون ۽ اسان نوٽيس نه وٺون، عمران خان ته آيو ئي نوٽيس وٺڻ جي لاءِ آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته مخالف ڌر جڏهن به مثبت ڳالهه ڪئي آهي اسان هنن جا ٿورا مڃيا آهن پهريون ڀيرو ڏٺو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا ميمبر پاڪستان مسلم ليگ ن جي دوستن کي معافي گهرڻ جو چئي رهيا آهي آهن ۽ هو ڊيسڪ وڄائي رهيا آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته آئون سمجهان ٿو ته بجيٽ تي بحث ٿي چڪو وڌيڪ بحث جي گنجائش ناهي فنانس بل پيش ٿي چڪو آهي ان تي ووٽنگ ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.