ڪراچي حملو: دهشتگردن جي پٺڀرائي ۾ ڀارتي ايجنسي ”را“ ملوث آهي: ڊي جي رينجرز

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي رينجرز سنڌ چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي پٺڀرائي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ ملوث آهي.

ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل عمر بخاري ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ سنڌ رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

ڊي جي رينجرز ٻڌايو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت تي صبح 10 لڳي 2 منٽن تي گاڏي ۾ سوار ٿي آيل 4 دهشتگردن حملو ڪيو، فورسز 10 لڳي 10 منٽن تي ان ڪارروائي جو خاتمو آڻي ڇڏيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن رڳو 8 منٽن ۾ دهشتگردن کي انجام تي پهچائي ڇڏيو.

هن چيو ته دهشتگرد اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۾ داخل نه ٿي سگهيا، ٻن دهشتگردن کي پهرين پڪ اٽ تي ماريو ويو ۽ وڌيڪ اڳتي پهچندڙ ٻن دهشتگردن کي ايندڙ مرحلي تي ماريو ويو، رينجرز، پوليس ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊن تي ٻڌل سيڪيورٽي ونگ اهو ڪارنامو انجام ڏنو.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ 20 منٽن ۾ سموري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي، دهشتگردن ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ پئي چاهيو، هو جديد هٿيار، لانچر، گرينيڊ ۽ ٻيو سامان کڻي آيا هئا، دهشتگردن کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي داخلي رستي تي ئي روڪيو ويو هو.

ڊي جي رينجرز موجب پاڪستان جي مشهور بلڊنگ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي ٽارگيٽ بڻائڻ جو مقصد پاڪستان جي خوشحالي کي نقصان پهچائڻ هو پر ان دهشتگرد حملي باوجود نه رڳو اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪم جاري رهيو پر هاڪاري رهيو.

هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جي پٺڀرائي ۾ پاڙيسري ملڪ جي ڳجهي ايجنسي ”را“ ملوث آهي، اسان کي خبر آهي ته ملڪ دشمن ايجنسيون ڪوششون ڪري رهيون آهن ته بچيل سچيل دهشتگردن کي پاڪستان خلاف استعمال ڪجي، انهن خلاف ڪم شروع ڪري چڪا آهيون ۽ انهن جو خاتمو آڻينداسين.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو انٽيليجنس جي ناڪامي ناهي، آپريشن 8 منٽن ۾ مڪمل ٿي ويو، اها سڀني ايجنسين جي گڏيل ڪاميابي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.