وڏي وزير اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي.

وزيراعليٰ هائوس موجب مراد علي شاهه واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اهو واقعو ملڪي سلامتي ۽ معيشت تي حملي جي برابر آهي.

هن پوليس ۽ رينجرز جي وقت سر ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته وبائي صورتحال کي ڏسندي ملڪ دشمن عنصر ناجائز فائدو کڻڻ چاهين ٿا، سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وڌيڪ چوڪس رهن.

سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي مڪمل تفصيلي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.