پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو، چارئي دهشتگرد مارجي ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن تي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٻه سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙ چئني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

پوليس موجب سومر جي صبح تقريبن 10 وڳي 4 دهشتگردن اڳ ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي گيٽ تي دستي بم حملو ڪيو ۽ پوءِ انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

اختيارين جو چوڻ هو ته پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته وڌيڪ ٻن دهشتگردن کي اڳتي وڌندي ماريو ويو ۽ دهشتگرد اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۾ داخل نه ٿي سگهي.

پوليس ترجمان موجب دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس سب انسپيڪٽر ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جا 2 سيڪيورٽي گارڊ به شهيد ٿيا، ان کانسواءِ پوليس اهلڪار سميت 7 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.

حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ويجهن علائقن جو مڪمل گهيرو ڪري ورتو ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ کي ميري ويدر ٽاور ۽ شاهين ڪامپليڪس کان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگرد جديد هٿيارن سان ليس هئا ۽ انهن وٽ هينڊ گرنيڊ پڻ موجود هئا.

ڪراچي پوليس جي سربراهه غلام نبي ميمڻ حملي کي ناڪام قرار ڏيندي چيو ته 4 دهشتگردن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ڪوشش ڪئي پر فورسز ڀرپور جواب ڪارروائي ڪندي سڀني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته دهشتگرد پارڪنگ ايريا مان سلور رنگ جي ڪار ۾ آيا هئا، انهن وٽ هٿيار، گولا ۽ بارود به هو، جيڪو فورسز قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي موجب صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي ۽ دهشتگردن جي ٻين ساٿين جي شڪ ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو آهي.

سنڌ رينجرز جي ترجمان به آپريشن ۾ سمورا دهشتگرد مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

پوليس موجب ڪليئرنس آپريشن لاءِ عمارت کي مڪمل طور خالي ڪرايو ويو ۽ عمارت کي بند ڪري آپريشن ڪيو ويو، سرچ آپريشن کانپوءِ عمارت کي ڪليئر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ معمول موجب ڪاروبار شروع ٿي ويو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن وٽ موجود جديد هٿيار، دستي بم ۽ ٻيون قبضي ۾ ورتيون ويون آهن، جڏهن ته دهشتگردن جي استعمال هيٺ گاڏي جي رجسٽريشن جي ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي ۽ گاڏي جي مالڪ جي خبر پوڻ کانپوءِ جاچ وڌيڪ اڳتي وڌائي ويندي.

دهشتگردي ٽوڙ کاتي جي انچارج راجا عمر خطاب جو چوڻ ته هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ سلمان جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو بلوچستان جو رهواسي هو.

سندس موجب دهشتگردن جي قبضي مان برآمد ٿيندڙ ڪار ريڪارڊ ۾ ڪليئر آهي پر برآمد ٿيندڙ ڪار نمبر بي اي بي 629 مارجي ويل دهشتگرد جي نالي تي آهي.

هن ٻڌايو ته دهشتگرد وڏي وقت تائين وڙهڻ لاءِ سامان کڻي آيا هئا، زندهه واپسي انهن جي مشن ۾ شامل نه هئي، سندن قبضي مان پاڻي جون بوتلون ۽ ڀُڳل چڻا به مليا آهن، جڏهن ته آپگهاتي جيڪيٽ ناهي ملي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڊائريڪٽر عابد علي حبيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگرد پارڪنگ ايريا ۾ آيا ۽ انهن انڌاڌند فائرنگ ڪئي، اسان جي گارڊن انهن سان مزاحمت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردن اسٽاڪ ايڪسچينج جي گرائونڊ ۽ ٽريڊنگ هال ۾ به فائرنگ ڪئي، جنهن سان ڀاڄ پئجي وئي ۽ ماڻهو ڀرپاسي جي عمارتن ۾ گهڙي ويا.

عابد علي حبيب چيو ته تقريبن 200 مان 150 ميمبرن جون پرائمري آفيسون اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ موجود آهن، اسان واقعي کانپوءِ پاڻ کي آفيسن ۾ بند ڪري ڇڏيو.

ايم ڊي پي ايس ايڪس فرخ خان ٻڌايو ته حملي وقت اسان جي پنهنجي سيڪيورٽي سٺو ردعمل ڏنو، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز تڪڙي ڪارروائي ڪندي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيو.

هن چيو ته ڪورونا سبب ماڻهو جو انگ گهٽ هو، نه ته عام حالتن ۾ 5 کان 6 هزار ماڻهو موجود هوندا آهن.

سندس چوڻ هو ته صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي ۽ حملي سبب ٽريڊنگ هڪ منٽ لاءِ به نه بيٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.