اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت ڀائرن جو پوليس خلاف احتجاج

مٺي(بيوروچيف) مٺي تعلقي جي ڳوٺ لونڍار لڳ راڻي جي ڍاڻي جي رهواسين ٺڪر برادري جي ٻن ڀائرن کيئنرو ۽ پنهون ٺڪر اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو آھي تہ سندس برادري جي بااثر پوليس انسپيڪٽر چهنسنگھ  ٺڪر اسان جي ٻنين سروي نمبر 83 ۽ سروي نمبر 10 تي زبردستي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي اسان کي ٻنيون پوکڻ نٿو ڏي اسين غريب آھيون ڳوٺ جي چڱن ماڻھن توڙي روينيو عملدارن پوليس کي درخواستون ڪري ٿڪجي پيا آھيون پوليس انسپيڪٽر بااثر آھي،ڪنهن جي بہ نٿو مڃي هنن چيو تہ پوليس انسپيڪٽر جي ڊيوٽي عمر ڪوٽ ۾ آھي سدائين ويزا تي هئڻ ڪري ڳوٺ ۾ ويهي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي اسان جي هڪ ٻني جيڪا سروي نمبر 83 آھي انهن تي هن گهر ٺاھي ويهي رهيو آھي،هنن چيو تہ نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.