ميهڙ ۾ شاگردن جو آن لائين ڪلاسن خلاف ڌرڻو

ميهڙ (ت ر)ميهڙ ۾ سنڌ  شاگرد سڀاءَ جي مرڪزي سڏ تي شاگردن  پاران  هٿ ۾ پلي ڪارڊکڻي عديل جانوري احمد اسماعيل  رحمان پنهور اسرار  تنيو عمير جوکيو  ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ ملڪ اندر آن لائين ڪلاسز ۽ آن لائين تعليمي نظام هلائڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪڍيو مظاهرين پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ته لاڪ ڊائون جي آڙ ۾ آن لائين ڪلاسز ۽ آن لائين تعليمي نظام هلائي شاگردن جو تعليمي ۽ معاشي قتل عام ڪيو ويو آهي هنن چيو ته ٻهراڙين سميت پٺ تي پيل علائقن  ۾ نيٽ جو نظام موجود ناهي ته پوءِ ڇا سوچي آن لائن ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن  جنهن سبب شاگردن جي فيسن ۾ گهڻي حدتائين رعايت ڪئي وڃي هنن چيو ته انٽرنيٽ جون سهولتون هر هنڌ موجود نه آهن جنهن سبب شاگر د آن لائين نظام کان محروم ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته شاگردن کي پرموٽ ڪري سيپٽمبر جي فيس  معاف ڪئي وڃي  هنن مطالبو ڪيو ته جلد اسڪولي تعليمي نظام بحال ڪيو وڃي ۽  تعليم کي ترقي پسند بڻايو وڃي ۽ فورن آن لائين ڪلاسز بند ڪري ايس او پي تحت تعليمي نظام هلايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.