سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين جي مدد نه ٿيڻ تي افسوس آهي: ظفر ابڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) يونين آف جرنلسٽ ڊويزن لاڙڪاڻي طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڊويزنل صدر سرڪش سڌايو، سينئر نائب صدر اعجاز چانڊيو، نائب صدر نثار لهر، جنرل سيڪريٽري منور رند، جوائنٽ سيڪريٽري نادر ابڙو، ظهير ابڙو، انفارميشن سيڪريٽري عبدالخالق مغيري، آفيس سيڪريٽري جاويد سولنگي، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، نائب صدر محمد عاشق پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ ڪلهوڙو، خزانچي ايم يونس ڏيٿو، سينيئر صحافين حنيف سهاڳ، منير احمد سومرو، عبدالقادر جاگيراڻي، سيد جاويد شاهه، معظم سلطان بخاري، راجا مگسي، مشتاق تنيو، علي گراماڻي، غلام نبي چانڊيو، عبدالفتاح اوڍو، مشتاق تونيو، شاهه محمد لاشاري، وسيم ٻرڙو، منير پيرزادو، نصير محمد کهاوڙ، غفار مگسي، مشتاق کهڙو، ڪامران سانگي، وسيم ڀٽو، مومن ڪنگو، مشتاق جاگيراڻي، محمد ادريس بلوچ اعجاز چانڊيو سميت رتوديرو، نئون ديرو، باقراڻي، ڏوڪري، موهن جو دڙو، باڊهه، خير محمد آريجا، قمبر، گاجي کاوڙ، وڳڻ، نصيرآباد، لالورائنڪ، سجاول جوڻيجو، وارهه سميت لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي ننڍن توڙي وڏن شهرن جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.گڏجاڻي کي خطاب ڪندي لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽ جي ڊويزنل صدر ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن سميت سنڌ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ سمورن صحافين جي حڪومتي سطح تي ڪائي به مدد نه ٿيڻ تي افسوس آهي، سنڌ جو صحافي پنهنجي قلم جي ذريعي ڏينهن رات جاکوڙ ڪري معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي صحافي ذوالفقار مندراڻي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي صحافين کي ڌمڪيون پيون ملن اهڙي ماحول ۾ صحافين جي لاءِ ڪم ڪرڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي. تازو مثال ته گمبٽ ۾ صحافي عزيز ميمڻ آهي جنهن کي حق سچ لکڻ تي وقت جي ظالم قتل ڪري سندس خون کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪندي قاتلن کي آزاد ڪرڻ چاهيو پئي پر صحافين جي جدوجهد سان سنڌ جي ايماندار پوليس آفيسر اي آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جوابدارن کي وائکو ڪيو ۽ خون لڙهڻ کان بچي ويو.گڏجاڻي ۾ صحافين رمضان جوڻيجو، منظور ميراڻي، نور محمد کوسو، رحيم منگي، سليم سولنگي، عبدالقادر اوڍو، لالا برڪت بلوچ، ياسين مشوري، محرم چانڊيو، صالح مغل، پيارو خان سنجراڻي، راڻو خان مغيري، زاهد ساريو، غلام مصطفيٰ جهتيال، وحيد چانڊيو ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.