ميهڙ ۾ نوجوان سوشل آرگنائيزيشن طرفان ٿڌي پاڻي ۽ شربت جي ڪئمپ لڳائي وئي

ميھڙ (ت ر)ميھڙ ۾ نوجوان سوشل آرگنائيزيشن ميهڙ جي پليٽ فورم تان رضاڪارانه طور خلق خدمت ڪئمپ ٿڌي پاڻي ۽ شربت جي ڪيمپ لڳائي وئي. ان موقعي تي نوجوان سوشل آرگنائزيشن چيئرمين سارنگ جھتيال ياسر طارق ڳورڙ حسنين لاشاري ڪامران کوکر اويس ميمڻ  حميد مھيسر مبين جھتيال زبير بزنجو رضا تنيو اويس ميمڻ منصور لاکير نثار عطار عطا رحمان چنه حارث پنھور  پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو مقصد عملي ڪم ڪرڻ عوام جي خلق خدمت  ڪرڻ آھي. اسان نوجوان سوشل آرگنائزيشن جو منشور آهي غريب مسڪين بي پھچ عوام جا مسئلا حل ڪرايا ويندا نوجوان سوشل آرگنازيشن جي تنظيم الحمدالله ميدان ۾ لٿل آھي ھتان جي عوام جا ڪم ڪيا ويندا. ھنن چيو ته ميھڙ شھر گندگي جي ورچڙھيل آھي نوجوان سوشل آرگنازيشن جي پوري ٽيم قابل فخر آھي اسان جو منشور ھر مستحق ماڻھن جي خدمت ڪرڻ آھي جيڪا اڄ اسين گھنٽا گھر چونڪ تي خلق خدمت تحت ڪئي آھي تمام جلد غريبن ماڻھن جا ڪم شروع ڪيا ويندا نوجوان سوشل آرگنازيشن جي پوري  ٽيم جي تمام گھڻي محنت آھي جڏھن ته ڪئمپ تي آيل سٺا ماڻھون ميھڙ جا فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي رئيس ڪليم الله ميمڻ ۽ ٻين  پريس ڪلب جي ٽيم پھچي نوجوانن جو شڪريو ادا ڪيو ھن سخت گرمي ٿڌي پاڻي جي ڪئمپ لڳائڻ جي ساراھه ڪئي.

ايس ايس پي خيرپور طرفان ڪڍن جي ٿاڻن جو دورو

خيرپور  (ڊ ر)خيرپور ۾ نئين آيل ايس ايس پي امير سعود مگسي امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ جي لاءِ خيرپور ضلعي جي ڪچي وارن  ٿاڻن پريالوءِ، فيض محمد، ۽ ٻين ٿاڻن ۽ پوليس  چوڪين جودورو ڪري  صورتحال جو جائزو ورتو ۽ چوڪين تي موجود پوليس اهلڪارن کي سخت حڪم جاري ڪيا ته علائقن جي مختلف چوڪن چوراهن تي ننڍيون توڙي ايندڙ ويندڙ گاڏين جي سخت چيڪنگ ڪئي وڃي ۽ شڪي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۔هن پوليس کي هدايت ڪندي چيو ته عوام سان پوليس جو سٺو سلوڪ هجڻ  کپي جيڪڏهن ڪنهن به پوليس عملدارن جي عوام طرفان ڪا به شڪايت آئي ته ان جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي . ان پوليس آفيسر کي بخشش نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ٿاڻن تي صفائي سٿرائي جو نظام بهتر نه آهي ان کي جلد بهتر بڻائيو وڃي عوام جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪرڻ پوليس جو ذميواري آهي ..هن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ مختلف علائقن ۾ وڌيڪ پوليس چوڪي لڳائڻ جي اهم ضرورت آهي  پوليس چوڪي لڳائڻ جي پڻ اجازت ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.