هلال احمر اسپتال 25هين ڏينهن به بند، مريض دربدر، عملي جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي هلال احمر جي دل واري اسپتال 25 ڏينهن گذرڻ باوجود نه کلي سگهي، ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران 11 ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو. حيدرآباد جي لطيف آباد يونٽ نمبر 2 ۾ دل، شگر ۽ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ قائم ڪيل هلال احمر اسپتال ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ ۽ 15 ملازم ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد هلال احمر جي ڪراچي جي قائم ڪميٽي ٻن ڏينهن لاءِ اسپتال کي عارضي طور بند ڪرڻ بعد 26 ڏينهن گذرڻ باوجود اسپتال نه کولي سگهي. جنهن خلاف ڊاڪٽرن ۽ عملي طرفان 12 ڏينهن کان مسلسل احتجاج جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه به اسپتال جي مين گيٽ سامهون ڊاڪٽر اعجاز آرائين، ڊاڪٽر فراز شيخ، ڊاڪٽر نديم ناز ڪيريو، ڊاڪٽر عبدالسميع مغل۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽرن خطاب ڪندي چيو ته ايس او پيز تي عمل جو جواز ڄاڻائي ٻن ڏينهن لاءِ اسپتال بند ڪرڻ کانپوءِ 25 ڏينهن گذري ويا پر انظاميه اسپتال کولڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب هڪ طرف دل، شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جا مريض سستي علاج کان محروم ٿي ويا ۽ پريشان ٿي ويا آهن ته ٻئي طرف عملي کي بيروزگار ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته هلال احمر جي قائم ڪيل غيرقانوني ڪميٽي چئيرمين کي برطرف ڪري حيدرآباد مان چئيرمين مقرر ڪيو وڃي. ڪورونا کان بچاءُ وارين ڪٽس سميت پگهارون ڏنيون وڃن. جئين غريب ملازم فاقا ڪشي واري صورتحال مان نڪري سگهن. 17

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.