راڌڻ ۾ ش ڀ جو پوليس ٽريننگ سينٽر سعيدآباد جو نالو مٽائڻ خلاف احتجاج

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ ۾ سنڌ حڪومت طرفان پوليس ٽريننگ سينٽر سعيد آباد جو نالو تبديل ڪري مير مرتضيٰ ڀٽي جي قاتل جي نالي سان منصوب ڪري حيات آباد سينٽر رکڻ خلاف راڌڻ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پارٽي جي اڳواڻن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ جنھڊا ھيا جان محمد سولنگي، سلام مغل، بهادر سولنگي، مير مرتضيٰ سولنگي، راهب سولنگي، منٺار جانوري، سهيل جوڻيجو، اعجاز خاصخلي ۽ وقار سولنگي جي اڳواڻي ۾ احاحتجاجي مظاهرو ڪري شهر مان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ۽ پري ڪلب راڌڻ لڳ ريلي پهچي ريلي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن  چيو ته وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه  پوليس ٽرينگ سينٽر سيعدآباد جو نالو مٽائي ڪري شاھد حيات رکي سنڌ سان ويساه گهاتي ڪئي آھي ڇو ته شاهد حيات شھيد مرتضئ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار آهي جيسيتائين سنڌ سرڪار پاران نالو تبديل نه ڪيو ويو تيسيتائين پوري سنڌ اندر احتجاج جاري رهندو مظاهرين طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر بلاول ڀٽو ۽ پارٽي جي اعلئ قيادت کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺندي شھيد مرتضيٰ ڀٽو جو قتل ڪيس ري اوپن ڪرڻ ۽ پوليس ٽريننگ سينٽر جو پراڻو نالو برقرار رکيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.