سکر ۾ ايم ايس جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو

سکر (رپورٽر ) سرڪاري اسپتال بچل شاهه مياڻي جي ايم ايس  جي ناجائزين خلاف ينگ اتحاد بچل شاهه مياڻي ۽ سکر سول سوسائٽي پاران سکر پريس ڪلب آڏو گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪندي ايم ايس ڊاڪٽر شيرمحمد چاچڙ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻن نصيراحمد گوپانگ، نعيم بلوچ، عامر ميراڻي، عنايت ميراڻي، عبدالحميد شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان هڪ مهينو جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ 10سالن جو نينگر عبدالله پٽ اشفاق ميراڻي زخمي ٿيو هو زخمي کي بچل شاهه مياڻي اسپتال ۾ علاج ڪرايو هو، هڪ مهينو گذرڻ باوجود ڊاڪٽر سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان لنوائي رهيو آھي واقعي جو ڪيس ائيرپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي پر سرٽيفڪيٽ نه ملڻ ڪري جوابدار گرفتار ناهن ٿيا هنن الزام هنيو ته ڊاڪٽر پيسن عيوض ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ڏئي ٿو پر متاثر ماڻھن کي رلائي رهيو آھي مظاهرين صحت کاتي اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڊاڪٽر شير محمد چاچڙ کي فوري هٽائي ايماندار ايم ايس مقرر ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.