وزير اعظم ۽ چوڌري ڀائر آمهون سامهون، ڌار ڊنر جون دعوتون

اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم عمران خان جتي ڪالهه اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي ڊنر جي دعوت ڏني ،اتي ساڳئي ئي ڏينهن ق ليگ جي چوڌري ڀائرن به اتحادي پارٽين سميت آزاد ميمبرن  کي ڌار ڊنر جي دعوت ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري ڀائرن وزير اعظم کان اڳ ئي دعوتون ڏئي ڇڏيون هيون، ڪيترن کي اڳواڻن چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي کي اچڻ جي خاطري پڻ ڪرائي ڇڏي هئي. چوڌري ڀائرن پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي دعوت نه ڏني هئي، باقي سڀني اتحادي پارٽين جن ۾ متحده، بي اين پي، جي ڊي اي ۽ آزاد اميدوار شامل آهن، کي دعوت ڏني هئي. ق ليگ ڪالهه وزير اعظم جي ڊنر ۾ شرڪت نه ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو. ق ليگ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ به حڪومت جا اتحادي آهيون پر پارٽي اڳواڻ مصروف هجڻ ڪري وزير اعظم جي ڊنر ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. ق ليگ کان سواءِ بي اين پيءَ به وزير اعظم جي ڊنر ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ هو ته هاڻي حڪومت جا اتحادي ناهيون رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.