ڪورونا متاثر جي سيلف آئسوليشن دوران مانيٽنگ جي ضرورت

مقبول ملاح

ڪورونا وائرس جي وبا دنيا کي معاشي طور تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، دنيا ۾ ڪورونا متاثرين جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 5 لکن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جيتوڻيڪ دنيا اندر ڪيترن ئي ملڪن وائرس کي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، پر پاڪستان هن وقت دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهن، جتي وائرس خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي، هر روز هزارن جي تعداد ۾ ڪورونا جا مريض ظاهر ٿين ٿا، موت جي شرح ۾ به اضافو ٿيو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڃان تائين شهري ڪورونا وائرس کي سنجيده وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

سنڌ حڪومت جيتوڻيڪ وڏن شهرن جي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو آهي، پر ان تي عمل ٿيندي نظر نه ٿو اچي، جيڪڏهن حيدرآباد ۾ مثال  وٺنداسين ته قاسم آباد جي ته اڪثر علائقن ۾ لاڪ ڊائون آهي، پر نالي ماتر، علائقي ۾ ٽرانسپورٽ هلندڙ آهي ۽ جيتوڻيڪ قاسم آباد سميت لطيف آباد ۽ شهري ڪجهه علائقا بند آهن، پر حيدرآباد شهر جون مارڪيٽون کليل آهن، جنهن ڪري جن به علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون آهي، اتان جي رهواسين جو شهر ڏانهن اچڻ وڃڻ رهي ٿو، ۽ حيدرآباد شهر جي ڀروارن علائقن ٽنڊوڄام، ٽنڊو محمد خان، هوسڙي، ٽنڊو حيدر، ٽنڊو الهيار ، شيخ ڀرڪيو، هٽڙي، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي ٽرانسپورٽ کليل هجڻ ڪري به حيدرآباد شهر ڏانهن آساني سان اچي وڃي سگهن ٿا.  ٽرانسپورٽ توڙي مارڪيٽن ۾ ڪنهن به قسم جي ايس او پيز تي عمل ٿيندي نظر نه ٿو اچي،  ايستائين جو ماسڪ جو استعمال به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳي ائين ٿو ته سمارٽ لاڪ ڊائون هڪ رسم طور لڳايو ويو آهي.

پاڪستان هن وقت هيلٿ ايمرجنسي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ڪورونا جي وڌندڙ مريضن کي نظر ۾ رکندي اسپتالن ۾ الڳ وارڊ قائم ڪيا ويا، پر مريضن جي تعداد ۾ تيزي سان واڌاري ۽ صحت جون سهولتون اڻپوريون هجڻ ڪري حڪومت طرفان اهڙن مريضن جن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هجي پر جيڪڏهن کين وينٽيليٽر جي ضرورت نه آهي ۽ هنن جي اميونٽي سسٽم بهتر آهي ته کين گهر اندر ئي سيلف آئسوليشن جي اجازت آهي، هن وقت ڪيترائي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ سيلف آئيسوليشن ۾ رهڻ بعد صحتيات ٿي چڪا آهن، پر سيلف آئسوليشن جو مطلب مريض گهر جي ٻين ڀاتين کان الڳ هوندو، سندس کائڻ پيئڻ لاءِ ٿانو الڳ هوندا، واش روم الڳ هوندو ۽ هو ڪنهن سان به نه ملي سگهندو.

ڏٺو اهو ويو آهي ته هڪ وڏو تعداد حڪومت جي صحت کاتي طرفان ٿيندڙ ٽيسٽ کي صحيح نه ٿو سمجهي، ۽ انهن سان بحث به نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته  ڪيترائي مثال موجود آهن، سرڪاري ليبارٽري مان پازيٽو ايندڙ ٽيسٽ ٻئي ڏينهن ئي آغا خان اسپتال جي ليبارٽري مان نيگيٽو اچيو وڃي، بهرحال ان تي هن وقت بحث نه ٿا ڪريون، ڳالهه پئي هلي سيلف آئسوليشن جي ته هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهڙن مريضن کي صحت کاتي طرفان گهر اندر ئي سيلف آئسوليشن جي اجازت ته ڏني وڃي ٿي، پر ڇا صحت کاتي طرفان انهن جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي آهي ته هو جتي رهندڙ آهي ان گهر ۾ ڪمرا گهڻا آهن، ڇا واش روم جي سهولت موجود آهي، ڇاڪاڻ ته  پاڪستان جي اڌ آبادي کان وڌيڪ ماڻهو ڳوٺن ۾ رهندڙ آهن، جتي هڪ واش روم استعمال ڪيو ويندو آهي، ايتري تائين جو سڄو گهر هڪ ڪمري تي مشتمل هوندو آهي. انهن جي مانيٽرنگ ڪير ڪندو ۽ ڪهڙي نموني ٿيندي، ڇا هر روز انهن سان صحت کاتي جو ڪو عملدار ملندو، يا فون تي رابطو ڪندو، پر هن وقت تائين هڪ ڄاڻ موجب گهرن اندر سيلف آئسوليشن ۾ رهندڙ مريضن سان ڪنهن به قسم جي مانيٽرنگ جو بندوبست نه آهي،  گهر ۾ ڪيتري سهوليت آهي، آئسوليشن جي ڏينهن دوران ڪنهن سان ملي ٿو، ڪيڏانهن وڃي ٿو، صحت کاتي کي ڪابه خبر نه آهي، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته سيلف آئسوليشن ۾ رهندڙ مريض جي مانيٽنگ ڪئي وڃي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڏينهن ان جي صحت معلومات ڪرڻ لاءِ ڪو ڊاڪٽر اچي ۽ سندس طبعيت پڇي ۽ ان جي گهر ڀاتين جي به اسيسمينٽ ڪري ته آيا، ڪنهن جي ڪنهن ٻئي ڀاتي کي ته ان دوران ڪي نشانيون ظاهر ته نه ٿيون آهن. جيڪڏهن سيلف آئسوليشن دوران حڪومت مانيٽنگ نه ٿي ڪري ته يقينن مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو، نه صرف حڪومت پر شهرين تي به فرض آهي ته هو سنجيده ٿين، گهٽ ۾ گهٽ گهرن کان نڪرڻ دوران حڪومت طرفان طئه شده ايس او پيز تي عمل ڪن، ٻيو نه ته ماسڪ جو استعمال ڪن، ماهرن جو چوڻ آهي ته صرف ماسڪ جي استعمال سان 80 سيڪڙو هن وبا کان بچي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.