”پيٽرول مهانگو ڪري توهان پاڻ سستا ٿي ويا آهيو عمران خان صاحب“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ئي ڌڪ ۾ 25 رپين تائين واڌ جتي غريب عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، اتي ئي شوبز ستارن به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ حڪومت جي پاليسين فنڪار برادري کي به سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا انهن عمران خان کي ووٽ ڏئي صحيح ڪيو يا انهن کان غلطي ٿي وئي.

ملڪ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان جاري لاڪ ڊائون جتي غربت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، اتي ئي وري حڪومتي قدمن تي عوام آپي کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي، هاڻ پاڪستاني فنڪارن به حڪومت خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ جو شڪار تحريڪ انصاف جي سپورٽرن ۾ ٿيندو آهي ۽ هوءَ گهڻي قدر حڪومت جي حق ۾ ڳالهائيندي نظر ايندي آهي پر تازو پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي وينا ملڪ به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته ”خان صاحب عوام پڇي رهيو آهي ته هاڻ گهٻرايون؟“

ناليواري اداڪار فهد مصطفيٰ وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ”سر مون کي خبر آ ته ملڪ هلائن سولو ڪم ناهي پر اپوزيشن ۾ هوندي توهان چوندا هئا ته اها ڪا راڪٽ سائنس ناهي، پوءِ هاڻي ڇا ٿيو؟ مهرباني ڪري ٻڌايو ته ڇا مان توهان کي ووٽ ڏئي صحيح فيصلو ڪيو؟“

”ميري پاس تم هو“ سميت ڪيترن ئي مشهور ڊرامن جي ليکڪ خليل الرحمان قمر به ٽوئيٽر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ”ڪو ماءُ جو پٽ پيدا ئي ناهي ٿيو جيڪو حڪومت بچائڻ بدران غريب سان گڏ بيهي، ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان توهان هڪ بزدل حڪمران ۽ اسان هڪ بدقمست قوم آهيون“.

خليل الرحمان قمر هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”پيٽرول مهانگو ڪري توهان پاڻ سستا ٿي ويا آهيو عمران خان صاحب“.

هن پنهنجي لفظن جي وضاحت ڪندي وڌيڪ لکيو ته مداحن کان درخواست ٿو ڪيان ته ڪو بي سمجهه جيڪڏهن مون کي گهٽ وڌ ڳالهائي ته گاريون نه ڏئي، عمران خان منهنجي به اميد آهي، مان ڊڄي رهيو آهيان ته اميد ٽٽي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.