نوابشاهه: اينٽي ڪرپشن آفيسر پاڻ ئي سرڪاري زمين تي قبضي ۾ ملوث نڪتو

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: اينٽي ڪرپشن آفيسر پاڻ ئي سرڪاري زمين تي قبضي ۾ ملوث نڪتو
عوامي آواز رپورٽ نوابشاهه: اينٽي ڪرپشن آفيسر پاڻ ئي سرڪاري زمين تي قبضي ۾ ملوث نڪتو

نواب شاهه ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي سرڪاري ڪالوني جي زمين تي قبضي جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ قبضو ڪندڙ  اينٽي ڪرپشن ڊسٽرڪٽ سرڪل آفيسر آهي.

اينٽي ڪرپشن جي سرڪاري ڪالوني جي زمين تي کاتي جو ڊسٽرڪٽ سرڪل آفيسر گهر ٺهرائي رهيو آهي، جتي اوچتو ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڇاپو هڻي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر مير نادر علي ابڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قبضو ڪندڙ اسد ڪورائي پاڻ ضلعي شهيد بينظير آباد  ڊسٽرڪٽ سرڪل آفيسر آهي، جيڪو سرڪاري زمين تي پنهنجو ذاتي گهر ٺهرائي رهيو آهي، سرڪل آفيسر کي اهڙي غلط عمل خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ڊپٽي ڊائريڪٽر اهڙي شوڪاز نوٽيس جي ڪاپي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سنڌ ۽ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ڏانهن به اماڻي ڇڏي آهي.

ايس پي اينٽي ڪرپشن موجب منهنجي هوندي ڪڏهن به غلط ڪم نه ٿيندو، سرڪل آفيسر جيترو به بااثر هجي، ڪم بند رهندو.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سرڪل آفيسر اسد ڪورائي جو چوڻ هو ته مان ڪو به قبضو نه پيو ڪيان، گارڊ لاءِ ڪمرو  ٺهرائي رهيو آهيان، اهو ڪمرو ۽ پراپرٽي  اتي ئي هوندي، منهنجي خلاف بنا جواز پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.