وفاقي بجيٽ رد، حڪومت جو آخري وقت اچي ويو آهي: گڏيل اپوزيشن

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل اپوزيشن وفاقي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد مخالف جماعتن جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي، نواز ليگ، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل، قومي وطن پارٽي سميت آزاد اميدوارن گڏجي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته تازي پيش ڪيل بجيٽ جي حوالي سان گڏيل مخالف ڌر طرفان ٺهراءُ پيش ڪري رهيا آهيون، 2020 جي بجيٽ موجوده حڪومت خلاف سڄي پاڪستان کي گڏ ڪري ڇڏيو، اسان کي اميد هئي ته موجوده حالتن ۾ وفاقي حڪومت جي بجيٽ عوام جا طبي مسئلا حل ڪندي پر بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويو.

سندس چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ عوام سان ظلم ڪيو ويو، پيٽرول اگهن ۾ واڌ ان جو هڪ مثال آهي، بجيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ اسان جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي، شهباز شريف بيمار هجڻ باوجود وزيراعظم کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان کي اتحادي گڏ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، اپوزيشن حڪومت کي ڏکيو وقت ڏئي رهي آهي.

ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وبا جو راڄ آهي، انهن حالتن ۾ اميد هئي ته عوام کي رليف ملندو پر حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو، پيٽرول اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ مهانگائي جو طوفان برداشت کان ٻاهر هوندو، وزيراعظم عمران خان هڪ قومي بار بڻجي ويو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم کان جيتري جلدي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي ته بهتر آهي ته جيئن بچيل پاڪستان کي محفوظ بڻائي سگهجي، اسان بجيٽ کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا، جلد گڏيل حڪمت عملي جوڙينداسين، بجيٽ خلاف عوام جي راءِ ورتي ويندي ۽ هر سطح تي عوام جو ڪيس وڙهنداسين.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جي پنهنجي صفن ۾ ٿرٿلو ان ڳالهه جي نشاني آهي ته ان جو آخري وقت اچي ويو آهي، اهي رياستي ادارن کي اپوزيشن خلاف استعمال ڪري رهيا آهن.

جماعت اسلامي جي اڳواڻ ميان اسلم چيو ته وزيراعظم عوام کي اونداهي ۾ رکيو، بجيٽ ۾ جيڪي به انگ اکر ڏنا ويا، اهي غير حقيقي آهي، حڪومت اڳ ئي ناڪام هئي، بجيٽ کانپوءِ وڌيڪ ناڪام ٿي وئي آهي.

جمعيت علامءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ اڪرم دراني جو چوڻ هو ته ملڪ تي هن کان وڌيڪ خراب وقت نٿو اچي سگهي، مان پنهنجي زندگي ۾ اهڙيون خراب حالتون ناهن ڏٺيون، گڏيل ڪوششن سان هن ظالماڻي حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.