حيدرآباد: وي ايم پي جي سڏ تي کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
حيدرآباد: وي ايم پي جي سڏ تي کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽ حيدرآباد: وي ايم پي جي سڏ تي کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاج

حيدرآباد ۾  کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ وائس فار مسينگ پرسن جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو,

جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وائس فار مسينگ پرسن جي اڳواڻ سئسي لوهار, سنڌو امان چانڊيو, جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي, تاج جويو, مهراڻ ميراڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ پر امن احتجاج تي پوليس پاران حملي جي مذمت ڪيو ٿا،

هنن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن پاران ڪيترن قومي ڪاڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

هنن انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺن جيڪڏهن اهي ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪري  قانون مجب سزا ڏني وڃي.

ان موقعي تي  کنڀي  ڪم ڪيل مهراڻ ميراڻي جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.