سي اي اي ڪورونا علامتون رکندڙن کي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي ايئر لائنز کي ڪورونا مريضن کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب فيصلي تي اڄ کان ئي عمل ٿيندو.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا علامتون رکندڙ مسافرن کي ايئر لائنز ٽڪيٽون جاري نه ڪن، جڏهن ته ڪورونا علامتن تي بورڊنگ ڪارڊ جاري ڪرڻ کان به روڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب مسافرن لاءِ ايئرپورٽ تي ماسڪ، سينيٽائزر ۽ سماجي وٿي به ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.