ڪورونا ڪيس وڌڻ سبب راولپنڊي جا وڌيڪ 8 علائقا سيل ڪرڻ جي سفارش

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب راولپنڊي شهر جي وڌيڪ 8 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي طرفان چيف سيڪريٽري پنجاب کي سفارش ڪئي وئي آهي ته راولپنڊي جي 8 علائقن ۾ 30 جون کان 10 ڏينهن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو وڃي.

چيف سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ جن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي سفارش ڪئي وئي آهي، انهن ۾ گلزار قائد، خيابيان سر سيد، ڍوڪ علي اڪبر، ڪوٺا ڪلان، مورگاهه، تخت پڙي، ننڪاري بازار ۽ بارا مارڪيٽ شامل آهن.

ڊپٽي ڪمشنر موجب ڄاڻايل علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي سفارش ضلعي پوليس، ميڊيڪل ٽيمن ۽ واپارين سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.