هلو هلو انگلينڊ هلو: قومي ڪرڪيٽ ٽيم خاص اڏام ذريعي رواني

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم خاص اڏام ذريعي مانچسٽر رواني ٿي وئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي خاص جهاز 10 وڳي لاهور کان مانچسٽر لاءِ اڏام ڀري، قومي ٽيم انگلينڊ خلاف 3 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.

انگلينڊ ويندڙ قومي اسڪواڊ 20 ڪرڪيٽرن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته 11 مئنيجمينٽ جا ميمبر به روانا ٿيا آهن، ان کانسواءِ بالنگ ڪوچ وقار يونس ۽ فزيو ٿراپسٽ ڪلف ڊيڪن آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا کان ٽيم جوائن ڪندا.

پي سي بي موجب جن رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري کانپوءِ ناڪاري آئي هئي، انهن جي وڌيڪ هڪ ٽيسٽ ڪئي ويندي ۽ اها ناڪاري اچڻ جي صورت ۾ اهي به ٽيم جو حصو بڻجي سگهندا.

مانچسٽر پهچڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 14 ڏينهن قرنطينه ۾ گذاريندي ۽ پوءِ پريڪٽس شروع ڪندي.

انگلينڊ جي دوري دوران ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني اظهر علي ڪندو، جڏهن ته بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.