پاڪستان ۾ پب جي گيم کيڏندڙ لاءِ خراب خبر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) آن لائن پب جي گيم کيڏندڙ لاءِ خراب خبر سامهون اچي وئي آهي ۽ گيم تي پابندي لاءِ آءِ جي پنجاب کي خط لکيو ويو آهي.

پب جي گيم جي بندش لاءِ لاهور پوليس وڏو قدم کڻيو آهي ۽ سي سي پي او جي هدايت تي گيم کي بند ڪرڻ لاءِ آءِ جي پنجاب کي خط لکيو ويو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته آن لائن پب جي گيم جي بندش لاءِ پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کي درخواست ڪئي وڃي، پب جي گيم ۾ جارحاڻي روين سان ناڪاري سوچ کي هٿي ملي رهي آهي، ٽاسڪ مڪمل نه ٿيڻ تي نوجوان ڪاوڙ ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن.

سي سي پي او چيو آهي ته آن لائن پب جي گيم ڊجيشل نشي جي صورت اختيار ڪندي پئي وڃي، تازو آپگهاتن جو سبب به پب جي ۽ اهڙيون ٻيون گيمز آهن.

واضح رهي ته لاهور ۾ ٻن نوجوانن جي آپگهات کانپوءِ پوليس آن لائن بپ جي گيم تي پابندي لڳرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.