ڇا آن لائين ڪلاسز وارو تجربو ڪامياب ويندو؟

صدام ساگر

هاڻي هر طرف کان هڪ ئي آواز جي گونج ۽ خواهش ڪر کنيو آهي، “چلي بهي جاو ڪه گلشن ڪا ڪاوربار چلي” پر هن وائرس “ڪورونا” کي ايئن ڀلا ڪيڏانهن وڃڻو؟ في الحال ته هن وائرس زندگيءَ جي تمام ڪارونهوار کي ٺُپ ڪري پوري دنيا کي هڪ آزمائش ۾وجهي ڇڏيو آهي. سمورا شعبا مشڪلاتن کي منهن ڏئي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن. ظاهر آهي ته ڪاروبار زندگيءَ کي مڪمل طور تي روڪڻ، ادارن کي تالا لڳائڻ، هلندڙ نظام کي بريڪ لڳائي روڪڻ مشڪل ڪم آهي، پر هن وبائي صورتحال ۾پوري دنيا جي حڪومتن ادارن کي مشڪلاتن کان بچائڻ ۽ وقت جي قدر و قيمت جو احساس ڪندي سماجي فاصلو، سمارٽ لاڪ ڊائون، هرڊ اميونٽي (Herd Immunity)، آن لائين سرگرميون (Online Activities) ۽ ٻيا اصطلاحات استعمال ڪيا ۽ ڪنهن حد تائين صورتحال تي قابو پڻ پاتو آهي.

موجوده حالاتن ۾جڏهن دنيا Work From Home يعنيٰ “گهر کان ڪم” کي ترجيح ڏئي رهي آهي، ته اُتي گهر ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي پڻ بحث ٿي رهيو آهي. حالانڪه وبائي صورتحال ۾تعليمي ادارن وٽ رهيو به هڪڙو ئي آپشن آهي آن لائين.

پاڪستان ۾به ڪورونا وبا جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾رکندي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن تمام يونيورسٽين کي آن لائين ڪلاس شروع ڪرڻ جو حُڪم ڏنو آهي، مختلف يونيورسٽين پاران ڪلاس پڻ شروع ڪيا ويا آهن پر ايڇ اي سي جي اهڙي حڪم کي تمام گهڻو تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جيڪا جائز ۽ دُرست آهي.

هن وقت دنيا ڀر جون يونيورسٽيز پنهنجن ذميوارين کي صحيح طرح نڀائڻ لاءِ سخت حالتن کي منهن ڏئي رهيون آهن، ته  اسان کي به وقت جو قدر ۽ قيمت جو اندازو ڪرڻو پوندو ۽ سمجهڻو پوندو ته هي حالات عام ناهن، پوري دنيا وبا جي زد ۾آهي.

سچ اهو آهي ته آن لائين ڪلاس (Face to Face) تدريس عمل جو متبادل ناهي، پر حالتن سان گڏ هلڻ جو رستو ضرور آهي. آن ڪلاس جو طريقيڪار ڪيترو سولو آهي؟ شاگردن کي ڪهڙي قسم جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو؟ ڪلاس وٺڻ لاءِ ڪهڙا آلات ضروري آهن؟ اُن لاءِ ٻه ٽي شيون اهم آهن. ليپ ٽاپ/ڪمپيوٽر، سمارٽ/اينڊرائيڊ موبائيل، انٽرنيٽ 3 G يا G 4 جو هجڻ.

حقيقت اها آهي ته اسان جي يونيورسٽين ۾گهڻو انگ ٻهراڙي جي شاگردن جو آهي، جنهن وٽ انٽرنيٽ جي سهولت نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ آهي ته اسپيڊ يا ڊيٽا لمٽ جو مسئلو آهي. گهڻن شاگردن وٽ ڪمپيوٽر/ليپ ٽاپ ناهن. يونيسڪو ۽ انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن يونين جي هڪ گڏيل رپورٽ موجب دنيا ڀر جي 1.6 ارب شاگردن مان 826 ملين (82 ڪروڙ کان وڌيڪ) شاگردن وٽ ڪمپيوٽر ۽ 706 ملين (ستر ڪروڙ کان)  وڌيڪ وٽ گهر ۾انٽرنيٽ جي سهولت ناهي. عالمي سطح تي هن سنگين قسم جي صورتحال کي سامهون رکندي يونيسڪو پڻ آن لائين ڪلاسز جي باري ۾تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. آن ڪلاسز جي حوالي سان خدشات ۽ اعتراض نه رڳو پاڪستاني شاگردن کي آهن، پر آفريقا ملڪ جي شاگردن کي به هوندا، جتي 89 سيڪڙو گهرن ۾ڪمپيوٽر/ليپ ٽاپ ناهن، 82 سيڪڙو گهرن ۾انٽرنيٽ ۽ 50 سيڪڙو گهرن ۾فون جي ڪوريج ناهي.

هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو آن لائين ڪلاسز وارو حڪم خاص طور تي اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ ٻين وڏين شهرن جي شاگردن جي لاءِ هڪ خوشخبري ٿي سگهي ٿو پر ٿرپارڪر، مستونگ، تربت، پنجگوڙ، ڊيرا بگٽي جي شاگردن لاءِ وڏو مسئلو آهي، جتي انٽرنيٽ جي سهولت موجود ناهي. بلوچستان جي اواران ۽ تربت جهڙن جنگ زده علائقن ۾انٽرنيٽ جي سروس بند آهي، ڇا اُتي جا شاگرد آن لائين ڪلاس وٺي سگهندا؟؟ ٿرپارڪر جا ڪافي اهڙا شاگرد آهن جيڪي شڪايت ڪري رهيا آهن ته انهن جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾انٽرنيٽ جي سهولت ناهي.

ٿرپارڪر هڪ پٺتي پيل علائقو آهي، جتي جا غريب شاگرد پين ۽ ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ پريشان هجن، اُهو هزارين رپين وارو سمارٽ موبائيل يا ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جا مهانگا پئڪيج ڪيئن ڪرائي آن لائين ڪلاس وٺي سگهندا؟ ۽ ٻيو ته جنهن علائقي ۾سڄي ڏينهن ۾بجلي صرف 2 ڪلاڪ ۽ هڪ فون ڪال جي لاءِ ماڻهو سڄو علائقو سنگل تلاش ڪندا رهن، اُتي شاگرد ڪهڙا آن لائين ڪلاسز وٺي سگهندا؟

بنيادي سهولتن جي اڻاٺ پنهنجي جاءِ تي، پر جيڪڏهن بين الاقوامي سطح تي ڏٺو وڃي ته تمام يونيورسٽيون، ڊجيٽل لائبرريون آن لائين ڪم ڪنديون آهن، اُتي استاد توڙي شاگرد پڻ آن لائين نظام کان واقف هجن ٿا، اسان وٽ انڌي واري لٺ وارو هلي پيو، نه جديد آلات هلائڻ جي خبر، نه ليپ ٽاپ، نه انٽرنيٽ ۽ نه ئي G4 جو ڪو تصور آهي. اسان جي گهڻن اُستادن کي سمارٽ فون هلائڻ/کولڻ به نه ٿو اچي، اُهي ڪهڙيون وري آن لائين علم جون نديون وهائيندا؟ باقي ها آن لائين ڪلاسز وارو تجربو ان صورت ۾ڪامياب وڃي سگهي ٿو، جڏهن اسان وٽ لاڳاپيل سمورا وسيلا هجن ۽ اسان پڻ ان کي هلائڻ جي قابل ۽ آگاهه هجون.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.