فيس بُڪ نفرت ۽ نسل پرستي خلاف ڪاررروائي ڪري: آمريڪي ڪمپنيون

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي وڏين وڏين عالمي ڪمپنين فيس بُڪ تي اشتهار ڏيڻ جو بائيڪاٽ شروع ڪري ڇڏيو.

ان اشتهاري بائيڪاٽ جو مقصد فيس بُڪ، انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر تي دٻاءُ وجهڻ آهي ته اهي نسل پرست ۽ تشدد تي اُڪسائيندڙ مواد خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪن.

آمريڪي موبائل آپريٽر وُرائزون ان بائيڪاٽ کي تيستائين جاري رکڻ چاهي ٿي، جيستائين فيس بُڪ ڪو قبول ڪرڻ جوڳو حل پيش نٿو ڪري، جڏهن ته ڪوڪا ڪولا ۽ هونڊا به جولاءِ ۾ اشتهار نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

آمريڪا ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن کي ڏسندي برطانوي – ڊچ ڪمپني يوني ليور به اعلان ڪيو آهي ته سال جي آخر تائين آمريڪي سوشل ميڊيا سائٽس تي ڪي اشتهار نه ڏنا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.