ليور پول جي فتح، مداحن کان ڪورونا وسري ويو، ڀرپور جشن

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي فٽبال ڪلب ليور پول جي انگلش پريميئر ليگ ۾ ڪاميابيءَ جو جشن ملهائڻ لاءِ ڪلب جا هزارين شوقين ٻي رات به روڊن تي گڏ ٿي ويا.

ليور پول 30 ورهين کانپوءِ انگلش پريميئر ليگ جو ٽائيٽل کٽيو آهي، جنهن سبب هزارين فٽبال فينز ڪورونا وائرس بابت احتياطي اپائن کي مڪمل طور نظرانداز ڪندي ڀرپور جشن ملهايو.

ان موقعي تي ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ پوليس طرفان ماڻهن کي ٻيهر گهرن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي.

پوليس جمعي جي شام ڪلب جي مداحن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي آچر 28 جون تائين لاڳو رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.