6 قومي ڪرڪيٽرن جي ٻي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي وئي، اسڪواڊ فائنل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي شروعاتي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري ايندڙ 10 ڪرڪيٽرن مان 6 ڪرڪيٽرن جي ٻي ٽيسٽ ناڪاري اچڻ جي تصديق ڪئي آهي.

بيان موجب محمد حسنين، شاداب خان، فخر زمان، محمد رضوان، محمد حفيظ ۽ وهاب رياض جي ٻي ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي پر اهي انگلينڊ ويندڙ 20 رڪني ٽيم ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيسٽ جي عمل مان گذرندا.

پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته انهن سڀني رانديگرن ۾ ڪي علامتون نه هيون، جنهن جو مطلب اهو آهي ته انهن جي مڪمل فٽنيس حاصل ڪرڻ جا امڪان واضح ۽ روشن آهن.

هن چيو ته پي سي بي جي ٽيسٽ عمل ذريعي جيئن ئي انهن جي ايندڙ ٽيسٽ ناڪاري آئي ته پوءِ کين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو ويندو.

بورڊ موجب ڪاشف ڀٽي، حارث رئوف، حيدر علي ۽ عمران خان جي ٽيسٽ ٻيهر هاڪاري آئي آهي.

وسيم خان آن لائن پريس ڪانفرنس ۾ انگلينڊ ويندڙ رانديگرن جي نالن جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته انگلينڊ دوري لاءِ 20 رڪني اسڪواڊ فائنل ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته پهرين ٽيسٽ ناڪاري ايندڙ 18 ڪرڪيٽرن جي ٻي ٽيسٽ به ناڪاري آئي آهي، جڏهن ته ٻن ريزرو رانديگرن کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ روحيل نذير ۽ موسيٰ خان شامل آهن.

هن ٻڌايو ته انگلينڊ ويندڙ رانديگرن ۾ اظهر علي (ٽيسٽ ڪپتان)، بابر اعظم (مختصر فارميٽ لاءِ ڪپتان)، شان مسعود، عابد علي، سرفراز احمد، افتخار احمد، خوشدل شاهه، اسد شفيق، ياسر شاهه، محمد عباس، شاهين آفريدي، نسيم شاهه، سهيل خان، فواد عالم، امام الحق، فهيم اشرف، عثمان شنواري، عماد وسيم، روحيل نذير ۽ موسيٰ خان شامل آهن.

واضح رهي ته پاڪستان شيڊيول موجب انگلينڊ خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندو، جيڪي آگسٽ کان سيپٽمبر تائين تماشائين بنا ميدان ۾ ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.