سنڌ ۾ آن لائن ڪلاسن لاءِ آءِ ٽي ماهر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي آن لائن ڪلاسن لاءِ آءِ ٽي ماهرن رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ موجب سنڌ جي ڊائريڪٽرز اسڪولز کي هر ضلعي مان 8 آءِ ٽي ماهر رکڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، آءِ ٽي ماهر استادن کي آن لائن ڪلاسن لاءِ ٽريننگ ڏيندا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته استادن کي روز 2 کان 3 ڪلاڪ ٽريننگ ڏني ويندي، جڏهن ته 28 جون تائين سڀني شهرين کي ڊائريڪٽرز کي تفصيل گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب استاد ٽريننگ حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي آن لائن پڙهائيندا.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري سرڪاري اسڪولن لاءِ آن لائن ڪلاسون شروع ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڇهين کان 12هين درجي تائين آن لائن ڪلاسون ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.