ڀارت ۾ کنوڻ ڪِرڻ جا واقعا، 116 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياستن بهار ۽ اُتر پرديش (يو پي)  ۾ گذريل 2 ڏينهن کان جاري مينهن ۽ کنوڻ ڪِرڻ جي واقعن ۾ 116 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب رياست بهار ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان جاري مينهن ۽ کنوڻ ڪِرڻ وي واقعن تباهي مچائي ڇڏي آهي.

بهار جي مختلف ضلعن ۾ کنوڻ ڪِرڻ سبب 92 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته گهرن سميت ٻين شين کي به سخت نقصان رسيو.

اختيارين ٻڌايو ته بهال جي گوپال گنج ضلعي ۾ رڳو 13 فوتگيون ٿيون.

ٻئي پاسي رياست اُتر پرديش جي مختلف ضلعن ۾ به کنوڻ ڪِرڻ سبب 24 ڄڻا فوت ٿي ويا. ٻنهي رياستن ۾ مينهن ۽ کنوڻ ڪِرڻ جي واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 32 ڄڻا زخمي به ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.