لوڙين هڪڙا ۽ کائين ٻيا!

امتياز چانڊيو

مون کي ان وقت سنڌي جا اهي جملا ته لوڙين هڪڙا ۽ کائين ٻيا بار بار ذهن تي اچي تنگ ڪري رهيا هئا، ان جملي کي جڏهن مون حقيقي روپ ۾ پئي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو پئي ته دل پئي اداس ٿي ۽ اندر ئي اندر ۾ هڪ ڪاوڙ جي طوفان پئي جنم ورتو ۽ انسان جي ٺاهيل هن نظام کان سچ ته نفرت به پئي ٿي، خير اهي ڏک ڀريا منظر ڏسي ۽ محسوس ڪري مايوس ٿي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين.

آئون جڏهن پنهنجي ننڍپڻ جي دوست امتياز ملاح ۽ ٻين سان گڏجي چوهڙ جمالي پهتس ته اتي پهچڻ کان پوءِ مون کي سمنڊ جي ڪناري تي موجود سنڌ جي تاريخي ماڳ شاهه بندر هلڻ لاءِ دوست چيو، پوءِ منجهند جي وقت رخ ڪيوسين شاهه بندر ڏانهن، چوهڙ جمالي کان ڀڳل ٽٽل روڊ لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري شاهه بندر پهتاسين، مڇيرن جا ميڙ، هڪڙيون لانچون سمنڊ مان مڇي جون ڀرجي پئي لٿيون ته هڪڙين لانچن ۾ سوار ٿي مڇيرا مڇي جي شڪار جي آسري پئي سمنڊ ڏانهن روانا ٿيا، اهي منظر ڏسي پهريان ته خوشي پئي محسوس ڪئي، پر جڏهن مڇي ماريندڙ مڇيرن جي دردن جا داستان ٻڌا ته ڏکارا ٿي وياسين.

ڏٻرا جسم، منهن تي اداسي، ميرا ۽ پراڻا ڪپڙا پهريل مڇيرن جا گهرڀاتي سمنڊ جي ڪناري تي ويهي پنهنجي مڇي جي شڪار لاءِ ويل ماڻهن جي سلامتي لاءِ دعائون گهرندا ۽ سمنڊ جي ويرن ڏانهن هر وقت نهاريندا رهن ٿا، بنيادي سهولتن کان محروم هي ماڻهو لوڙين ڪهڙا ۽ کائين ٻيا واري جملي جيان هر وقت واپارين هٿان لٽبا ۽ ڦربا رهن ٿا.

هڪ طرف انهن مڇيرن جا هيڻا حال پئي ڏٺا، جن جي ڪاٺين جي ٺهيل گهرن ۾ بک جي راڪاس پئي رڙيون ڪيون، سندن ٻارڙا تعليم، سٺي خوراڪ، سٺي پوشاڪ ۽  سٺي صحت کان مڪمل طور تي محروم ٿيل آهن، مڇيرا ٻه، 2 ڏينهن سمنڊ جي اندر وڃي ٻچن جو پيٽ پالڻ خاطر مڇي جو شڪار ڪندا رهن ٿا، ايتري سخت پورهيي باوجود هو رڳو پنهنجن ٻچن کي ٻه ويلا ماني ئي مس کارائي سگهن ٿا ۽ ٻئي طرف اتي ئي وري اهي به منظر ڏٺاسين، جن کي ڏسندي مون کي ۽ منهنجن دوستن کي ارمان وٺي ويو، هڪ وڏي پجيرو گاڏي مان اچي اڇي ڪاٽن پهريل شخص لٿو، اڳيان پويان گارڊ اچي مڇيرن وٽ پهتو ۽ ان شخص جي پهچڻ سان مڇيرن جا ميڙا لڳي ويا، ڪو صاحب ته ڪو سائين چئي رهيو هيس، غلامي وارا منظر ڏسڻ ۾ پئي آيا. مون امتياز ملاح سان مخاطب ٿيندي کانئس پڇو ته شايد هي اهو شخص آهي، جيڪو هنن مڇيرن جي محنت کي کائي ناس ڪري رهيو آهي، مڇيرن سان ڇا ٿي رهيو آهي، سو ته اهي سٻاجهڙا ماڻهو نٿا ڄاڻين، هي مڇي جو واپاري آهي. ڪيڏي نه بيحسي ۽ نظام جي خرابي آهي جو ان کي فشريز کاتي پاران مڇي خريد ڪرڻ جو لائينس مليل هوندو، هاڻي هي مرضيءَ وارو آهي ته مڇيرن کان ڪهڙي قيمت تي ٿو مڇي خريد ڪري، هي وڏي گاڏي ۾ سوار شخص انهن مسڪين حال رکندڙ مڇيرن جي محنت مان روز بروز امير کان امير ٿيندو پيو وڃي، سندس اڪائونٽ پيسن سان ڀربا ٿا وڃن، پر افسوس ته اهي ماڻهو جيڪي ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون سمنڊ ۾ وڃي محنت ڪري مڇي جو شڪار ڪري اچن ٿا، انهن جي حالت ته رحم جوڳي آهي، سندن من اندر جون سموريون خوشيون ختم ٿيندي پيون نظر اچن، سندن ٻچا ته تعليم کان به محروم آهن.

واقعي شاهه بندر جي پٽ تي قائم ٿيل مڇيرن جون وسنديون مڪمل طور تي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، مٺي پاڻي نه پهچڻ ڪري هو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، کاري پاڻي ته سندن چمڙي ئي ساڙي ڇڏي آهي، سندن خوبصورت جواني سمنڊ جي لوڻياٺي پاڻي جي ورچڙهيل آهي، اتي ته مون کي ڪو اسڪول به نظر نه آيو، هنن ماڻهن جا جانور به بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، اهي به هر وقت شايد هاڻي موت جو انتظار ئي ڪندا رهن ٿا، ان وقت منهنجي ذهن ۾ پئي آيو ته هتان جا سياستدان ته ڪيڏا نه بيحس رهيا آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي هڪ هوٽل کولڻ لاءِ وڏا پيسا لڳائي ڇڏين ٿا، پر پنهنجي ملڪ ۾ هڪ روپيا به فلاحي ڪمن ۾ لڳائڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن مان ماڻهن کي ڪو فائدو رسي سگهي.

مون کي اسان جي چوهڙ جمالي جي سينيئر ساٿي چاچي اسماعيل پئي ٻڌايو ته ڪنهن دور ۾ شاهه بندر سنڌ جي واپار جو وڏو مرڪز هوندو هو، هتي هڪ عاليشان قسم جو شهر قائم ٿيل هو، هن وقت ان جا آثار ته موجود آهن، پر سمنڊ جي ويرن جي ويڌن ۽ وقت جي حڪمرانن جي لاپرواهي هن شهر کي آهستي آهستي کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، هي شهر ڏسندي ئي ڏسندي ڌرتي جي گولي تان ائين مٽجي ويو، جيئن اهو اتي موجود ئي نه هيو، بهرحال پوءِ به پاڻ کي تڪليف ڏيندي به انسانن جي آبادي هن ماڳ جو وجود قائم رکندي آئي آهي، جت برادري جا ماڻهو هن وقت به شاهه بندر تي پنهنجا ڪکاوان گهر اڏي ويٺل آهن، پر سندن حالت رحم جوڳي بڻيل آهي.

اسان وٽ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو مثال به موجود آهي، واقعي ڏاڍو بڻجي مڇي جا واپاري شاهه بندر جي مڇيرن کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن، پٺتي پيل علائقي سبب سندن آواز ٻڌڻ وارو به ڪير ناهي، مڇيرن کان واپاري ٽڪي ڌڙي مڇي خريد ڪري ڪراچي جي وڏي مارڪيٽ ۾ وڏي قيمت تي مڇي وڪرو ڪري امير ٿيندا پيا وڃن، پر هنن مسڪينن کي ته پيئڻ لاءِ به صاف ۽ مٺو پاڻي مهيا ناهي ڪيو ويو. وقت جي حڪمرانن کي گهرجي ته شاهه بندر جي رهواسي مڇيرن جي واهر ڪري کين مڇي جا سٺا اگهه ڏياري، انهن جي آبادين ۾ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، تعليم، صحت ۽ بجلي جي سهولت ملڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي، شاهه بندر جي رهواسين کي حڪومتي سطح تي مالڪي جي سخت ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.