ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو جاري ڪرڻ تي محمد حفيظ کان پڇاڻو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان ڪرڪيٽر محمد حفيظ طرفان ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو سوشل ميڊيا تي جاري ڪرڻ تي کانئس پڇاڻو ڪيو.

پي سي بي سي اي او وسيم خان تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.

ذريعن موجب وسيم خان محمد حفيظ جي ان عمل تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته توهان جي ٽوئيٽ سان پاڪستان جي ڪورونا ٽيسٽنگ نظام تي ٺٺول ٿي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عوام ۾ وڃڻ کان اڳ توهان کي پي سي بي سان رابطو ڪرڻ گهربو هو، توهان جي عمل سان پاڪستان جي ٽيسٽنگ نظام تي سوال اٿاري رهيا آهن.

ذريعن موجب وسيم خان سان گفتگو ۾ محمد حفيظ معذرت وارو رويو اختيار ڪيو پر پي سي بي ان معاملي جو تفصيلي جائزو وٺندو.

واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان انگلينڊ جي دوري کان اڳ ڪرايل ڪورونا ٽيسٽن ۾ 10 ڪرڪيٽرن ۾ وائرس جي تصديق ٿي هئي، جن ۾ محمد حفيظ به شامل هو پر محمد حفيظ گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي پنهنجي ٻي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو جاري ڪندي ٻڌايو هو ته ٻيهر ڪرايل ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري آيو آهي.

محمد حفيظ طرفان ذاتي طور ڪرايل ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري اچڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽيسٽنگ تي سوال اٿي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.