گوگل جو پرائيويسي جي تحفظ لاءِ تازو قدم

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪمپني گوگل واهپيدارن جي پرائيويسي جي تحفظ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا آهن.

تازي اڳڀرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني نون واهپيدارن جي لوڪيشن بابت ڊيٽا ۽ سرچ هسٽري هٽائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙن نون قدمن بابت گوگل جي سي اي او سندر پچائي گذريل ڏينهن سان فرانسسڪو ۾ اعلان ڪيو هو.

پرائيويسي جي ڀڃڪڙي کي ڏسندي گوگل ۽ فيس بُڪ تي وڏا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ کانپوءِ اها اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

موجوده واهپيدار سيٽنگز ۾ وڃي پنهنجي سمورين اڳوڻين آن لائن سرگرمين جي ڊيٽا هر 3 يا 18 مهينن ۾ ڊليٽ ڪري سگهن ٿا.

تازي اڳڀرائيءَ کانپوءِ جيڪڏهن واهپيدار پاڻ نه به هٽائي ته 18 مهينن ۾ ان جي سموري پراڻي ڊيٽا پاڻمرادو ڊَهي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.