محمد حفيظ جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري کانپوءِ ناڪاري اچي وئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪرڪيٽر محمد حفيظ جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ ناڪاري اچي وئي، جنهن پي سي بي جي ٽيسٽ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان انگلينڊ دوري کان اڳ ڪرايل ڪورونا ٽيسٽن ۾ 10 رانديگرن ۾ وائرس جي تصديق ڪئي وئي هئي، جن ۾ تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ به شامل هو.

اڄ محمد حفيظ ٽوئيٽر تي پنهنجي ڪووڊ 19 جي ٻي ٽيسٽ رپورٽ جاري ڪئي ۽ ٻڌايو ته سندس نتيجو هاڪاري آيو آهي.

قومي آل رائونڊر جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پي سي بي طرفان ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ هاڪاري آئي هئي پر مان ذاتي طور ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ گهرڀاتين کي به گڏ وٺي ويس.

هن ٻڌايو ته الله جي ڪرم سان منهنجي ۽ منهنجي گهروارن جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري آيو آهي، الله پاڪ اسان سڀني کي محفوظ رکي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.