سون جو اگهه ستين آسمان تي، سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) واپاري هفتي جي ٽئين ڏينهن سون جي في تولو قيمت 2 هزار رپيا واڌ کان پوءِ 1 لک 5 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.

آل پاڪستان سونارا ايسوسيئيشن موجب مارڪيٽ ۾ 10 گرام سون جي قيمت 1 هزار 715 رپيا واڌ کان پوءِ 90 هزار 106 رپين جو ٿي وئي آهي.

خيال رهي ته ٽن ڏينهن دوران جي في تولي قيمت ۾ 4400 رپين جي واڌ ٿي آهي.

گذريل ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ 1100 رپيا واڌ کان پوءِ نئون اگهه 1 لک 3 هزار رپيا ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.