بدين جا ھزارين سال پراڻا تاريخي ماڳ ميسارجڻ لڳا

عاجز انور لاشاري

سنڌ ۾ لاڙ وارن علائقن جي پنهنجي ڌار  سڃاڻپ رهي آهي، تاريخي ماڳن مان ايندڙ ثقافتي خوشبو اڄ به ملڪن ۾ مشھور ئي نه پر ھڪ وڏي نالي طور سڃاتي ۽ ڳائي وڃي ٿي، لاڙ جي شهرن بدين ۽ ٽنڊومحمد جي به پنھنجي هڪ نمايان ۽ نرالي حيثيت پڻ رھي آھي، اھا شايد ان ڪري به رھي آھي جو سنڌو جي سمورن وھڪرن جو گذر ۽ ڇوڙ لاڙ مان ئي ٿيو آھي، مون انهن تاريخي ماڳن بابت ڪيترائي مضمون پڙھيا آھن، جن ۾ ھنن تاريخي ماڳن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي سنڌ جا تاريخي ماڳ تباهه حالت ۾ موجود ملن ٿا ته ڪي وري تاريخي ماڳ گمنامي جو شڪار بڻجي ويا آھن، آخرڪار ان جو ذميوار ڪير آ؟ چيو وڃي ٿو ته پراڻي زماني ۾ جڏھن سنڌو درياهه جو نصرپور وارو وھڪرو وقت سان گڏ روان دوان ھو ان وھڪري مان ئي ماتلي کان مٿان سنڌو جي ھڪ چاڙهه يا شاخ ڇڄي ڌار ٿيندي ھئي، جنھن کي ريڻ جي نالي سان اڄ به ياد ڪيو ويندو آھي، اھا موجوده ماتلي شھر کان اولھ طرف وارو پاسو ڏئي بدين واري پاسي ڏي وھندي ھئي، جيڪا اڳتي ھلي وڃي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي. رڻ واري ان قديم وھڪري تي ڪيترائي ماڳ ۽ وسنديون جڙيون جيڪي وقت سان گڏ پنھنجو وارو وڄائي ختم پڻ ٿي ويون. جن جي موجودگي جو اڄ ڪو نالو نشان ئي ناهي رهيو، انھن وسندين ۾ ٻه ماڳ ھڪ فتح باغ ۽ جوڻ به ھو، چيو وڃي ٿو ته فتح باغ ۽ جوڻ ھي ٻه پاڙيسري تاريخي شھر ھئا ھي ٻه ماڳ جنھن جي اھميت جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھتي مغلن جي دور تائين ھڪڙي قلعي (ڪوٽ) ۽ وسيع شھر جا آثار پڻ ملن ٿا، جن تي ھاڻي ڳوٺ ٻڌجي چڪا آھن، چيو وڃي ٿو ته پراڻي زماني جا ھي ٻه تاريخي آباد شھر دريا جي ڇوڙ سبب غيرآباد ٿيا پر ان جون وڌيڪ ڪي شھادتون نه ٿيون ملن جوڻ ۾ واقعي اڄ به ملک محمود سلطان مغل جو مقبرو ٽٽل حال ۾ موجود ملي ٿو، اندازن 105 ھجري ۾ ھن مقبري کي تعمير ڪرايو ويو ھو.

جوڻ ۾ ھن مغل قلعي سان مشھور شھر جي جوڻ قبرستان ۾ مدفعون ڪيل ٻين مغلن تي به ڪا تحقيق نه ٿي، جڏھن ته ھڪ ملک محمود سلطان مغل جو مقبرو اڄ به موجود ملي ٿو.

ھڪ سئو ويهه ايڪڙ زرعي زمين ۾ ھي مغلن جو قلعو ھوندو ھو پر آھسته آھسته قلعي جي ثقافت کاتي پاران سار سنڀال نه لھڻ ڪري ميسارجي ڀري ڀور ٿي ويو آھي، ڪيترائي ايڪڙ زرعي زمين بااثر پنھنجي قبضي ھيٺ آڻي چڪا آھن، پراڻي زماني ۾ تعمير ڪيل ھي جوڻ شھر جنھن ۾ ھزارين سال اڳ تعمير ڪرايل مسجد جون نشانيون پڻ موجود ملن ٿيون، ان کان علاوه مغل قلعو ۽ مغل قلعي کان اڌ ڪلوميٽر اڳيان ھڪ ويراني زمين ۾ ملک محمود سلطان مغل جو مقبرو پڻ موجود ملي ٿو، جتي ھاڻي بااثر ماڻھن زرعي زمينون آباد ڪرائي ورتيون آھن، آبادي حوالي سان زرعي زمين جو پاڻي به ھن مقبري جي واڻ ۾ ڊرينيج ڪرايو وڃي ٿو، مغل مقبري جو ڪٿان ڪو رستو پڻ موجود ناھي، ڀرپاسي کان آباد رزعي زمينن جي واھن اوڙن ٻنن مٿان ھن مقبري کي ڏسڻ لاءِ ڏوران علائقن کان ماڻهو ڪھي اچن ٿا، ھن جوڻ ۾ بزرگ ۽ اوليائن جون درگاھون پڻ موجود آهن، بزرگ قمڀير شاهه ۽ ٻيون درگاھون پڻ ھن جوڻ قبرستان ۾ موجود ملن ٿيون، مغل قلعي جي موجودگي جو احساس اڄ مسمار ٿيل محمود سلطان مغل جو ميسارجي ويل قبرون ۽ پٽ ٿيل مقام ۽ قلعو شهيد ٿيل مسجد واري جاءِ تي پراڻي زماني جون سرون اڄ به احساس ڏيارينديون آهن.

جوڻ ۾ تاريخي ماڳ مغل قلعي ڏانھن رستو شاهه واهه کان اڌ ڪلوميٽر اتر طرف تي ڏسي سگھجي ٿو، ھن تاريخي ماڳن فتح باغ ۽ جوڻ قبرستان بابت مختلف اخبارن ۽ ميگزين سميت تاريخي ڪتابن ۾ مختصر ۾ ذڪر پڙھڻ لاءِ ملندو رھي ٿو مقامي سطح تي ھن تاريخي ماڳن جي ميسارجڻ جو روئڻ پٽڪو مقامي صحافي وقتن بوقت لکندا پڻ رھن ٿا پر ثقافت کاتي پاران ڪوبه نوٽيس ئي نه ورتو ويو، فتح باغ بابت شاهه علي نوحاڻي پڻ پنھنجي مضمون ۾ واضح طور تي لکي ڌيان ڇڪائڻ جي گھڻو ڪوشش پڻ ڪئي.

لاڳاپيل اختيارين جي بي ڌياني جي نتيجي ۾ فتح باغ ۽ جوڻ قبرستان تي هاڻي ڳوٺ ٻڌجي ويا آھن، جنھن ڪري ماضي جي انھن آثارن تي ھاڻ ڪنھن به قسم جي ڪا کوجنا يا تحقيق ڪرڻ جيڪڏھن ناممڪن ڪونھي، تڏھن به تمام گھڻي مشڪل ضرور آھي، فتح باغ جي قلعي ۽ آثارن بابت ڪجھه ماھرن جو ھڪڙو اندازن تي مبني ۽ انوماني خيال اھو به آھي ته ھي ماڳ برھمڻ دور جو گم ٿيل ماڳ راوڙ به ٿي سگھي ٿو، جتي محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاھر جي وچ ۾ آخري ۽ فيصله ڪن جنگ لڳي ھئي، جنھن ۾ راجا ڏاھر جي دور ۽ راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ تي مڪمل طور تي عربن جي فتح ٿي، پر اھو يقين سان رڳو تڏھن ئي چئي سگھجي ٿو، جڏهن هنن ماڳن جي کوٽائي ٿئي ۽ سائنسي بنيادن تي ڪا تحقيق ٿئي.

اسان کي افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته سنڌ جا تاريخي ماڳ لاڳاپيل اختيارين جي بي حسي سبب ميسارجي، ڀري ۽ ڊهي رهيا آهن، پر انهن جي مالڪي ڪرڻ وارو ڪير به ناهي، ھن وقت ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سنڌ جي اھڙن تاريخي ماڳن جي نئين سر کوجنا ۽ تحقيق ڪرائڻ گھرجي، سنڌ جي اصل ملڪيت ۽ خزانو اسان جون ثقافتي نشانيون اھڙا ئي تاريخي ماڳ آھن، جيڪي مالڪي نه ٿيڻ سبب ميسارجي رھيا آھن، جن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي عملدارن کي جاڳڻو پوندو ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اھڙا تاريخي ماڳ بچائڻا پوندا، جيئن  ايندڙ نسلن لاءِ سکيا، سوچ ۽ سمجھه جو ھر تاريخي ماڳ مرڪز جيان موجود ملي ۽ فخر جو اھڙو باعث پڻ تاريخ مان نچوڙ ڪري گھمندا لکندا رھندا، جيڪا اسانجي ثقافت سنڌ جي ملڪيت موروثي خزاني ۾ پڻ شمار موجود ملندي رھي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.