سون جي مقامي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سون جي في تولو قيمت وڌيڪ 11 سئو رپيا واڌ سان ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.

تفصيل موجب عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ 9 ڊالر جي واڌ ٿي ۽ عالمي بازار ۾ في اونس جي قيمت 1757 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي، ٻئي پاسي پاڪستان ۾ به سون جي قيمت سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ واپاري هفتي جي ٻئي ڏينهن مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ سون جي في تولي ۽ 10 گرام قيمت ۾ ترتيبوار 1100 رپيا ۽ 943 رپين جي واڌ ٿي.

قيمتن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، فيصل آباد، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي صرافا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت واڌ کان پوءِ نئين بلند ترين سطح 1 لک 3 هزار 100 رپيا جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت وڌي 88 هزار 391 رپين تائين پهچي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.