انگلينڊ سنبريل 10 قومي ڪرڪيٽر ڪورونا وائرس جو شڪار نڪتا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ دوري کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا 10 رانديگر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا نڪتا آهن، جنهن جي تصديق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪئي وئي آهي.

پي سي بي اڱاري ڏينهن ٻڌايو ته وڌيڪ 7 رانديگرن ۽ ٽيم مئنيجمينٽ ۾ شامل هڪ ميمبر جي ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا هاڪاري آيا آهن.

مجموعي طور تي اسڪواڊ ۾ شامل 35 رانديگرن ۽ آفيشلز جي ٽيسٽون سومر ڏينهن لاهور، ڪراچي ۽ پشاور ۾ ورتيون ويون هيون، جن مان 7 ڪرڪيٽرن ۾ ڪورونا وائرس جي نشاندهي ٿي آهي.

جن رانديگرن جي ٽيسٽ اچ هاڪاري آئي آهي، انهن ۾ فخر زمان، عمران خان سينيئر، ڪاشف ڀٽي، محمد حفيظ، محمد حسنين، محمد رضوان ۽ وهاب رياض شامل آهن.

گذريل ڏينهن حيدر علي، حارث رئوف، شاداب خان ۽ ٽيم مساجر ملنگ علي جون ڪورونا ٽيسٽون هاڪاري آيون هيون ۽ انهن جيان تازو متاثر ٿيندڙ رانديگرن ۾ پڻ وائرس جون ڪي علامتون نه هيون.

جن رانديگرن جون ٽيسٽون ناڪاري آيون آهن، انهن ۾ عابد علي، اسد شفيق، اظهر علي، بابر اعظم، فهيم اشرف، فواد عالم، افتخار احمد، امام الحق، خوشدل شاهه، محمد عباس، نسيم شاهه، سرفراز احمد، شاهين آفريدي، شان مسعود، سهيل خان ۽ ياسر شاهه شامل آهن.

گذريل ڏينهن عماد وسيم ۽ عثمان شنواري جون ٽيسٽون پڻ ناڪاري آيون هيون، جڏهن ته شعيب ملڪ، ڪلف ڊيڪن ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس جي ٽيسٽ ٿيڻ باقي آهي.

اسڪواڊ ۾ شامل اهڙا رانديگر ۽ آفيشلز، جن جون ٽيسٽون ناڪاري آيون آهن، اهي 24 جون تي لاهور جي بائيو سيڪيور ماحول ۾ گڏ ٿيندا ۽ سڀني جي ٻي ٽيسٽ 25 جون تي ٿيندي.

ٻي ٽيسٽ ناڪاري اچڻ کانپوءِ رانديگر ۽ آفيشلز 28 جون تي چارٽرڊ اڏام ذريعي مانچسٽر روانا ٿيندا.

چارٽرڊ اڏام ذريعي انگلينڊ پهچندڙ رانديگرن ۽ آفيشلز جي ٽين ڪووڊ 19 ٽيسٽ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو ميڊيڪل پئنل ڪندو ۽ اها ٽيسٽنگ پاڪستاني اسڪواڊ انگلينڊ پهچڻ جي 24 ڪلاڪن اندر ٿيندي.

انگلينڊ پهچڻ تي جن رانديگرن ۽ آفيشلز جون ٽيسٽون ناڪاري اينديون، کين برطانوي حڪومت جي قانونن موجب قرنطينه جو مدو پورو ڪرڻو پوندو پر ان دوران بائيو سيڪيور ماحول ۾ پريڪٽس ۽ ٽريننگ ڪري سگهبي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.