سعودي عرب هلندڙ سال حج بابت وڏو فيصلو ڪري ورتو

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي حڪومت ايندڙ مهيني حج جي ادائيگي جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائر  جي ڪري حج 2020ع جي لاءِ عازمين جي انگ کي محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي الحرمين طرفان جاري بيان موجب حڪومت سعودي عرب ۾ رهائش پذير مختلف ملڪن جي شهرين کي حج جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزارت طرفان جاري تفصيلي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هجوم ۽ ماڻهن جو وڏو انگ گڏ ٿيڻ سان ڪورونا جي پکڙجڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ويو آهي ته هلندڙ سال حج محدود پانڌيئڙن سان ٿيندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جا شهري حج ادا ڪري سگهندا ۽ اِهو فيصلو حج کي محفوظ طريقي سان ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.

حڪومت چيو ته عام صحت کي نظر ۾ رکندي ماڻهن جي جانين کي بچائڻ جي لاءِ اسلامي  تعليم جي موجب سماجي فاصلي ۽ ٻين سمورين شين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اِهو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.