نيو يارڪ ٽائمز طرفان مودي سرڪار جو صحت وارو نظام ناڪارا ٿيڻ جا پول پڌرا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار مودي سرڪار جي صحت واري نظام جي ناڪارا ٿيڻ جا پول دنيا آڏو پڌرا ڪري ڇڏيا.

نيو يارڪ ٽائمز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهلي ۾ هڪ ڳورهاري عورت کي 15 ڪلاڪن ۾ 8 اسپتالن ۾ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، جنهن سبب هو فوت ٿي وئي.

اخبار لکي ٿو ته ڀارت جو صحت وارو نظام ڪورونا جي دٻاءُ هيٺ اچڻ سبب ناڪام ٿيو، جنهن سبب ڳورهاري نيلم ڪماري قتل ٿي.

نيلم جو مڙس کيس اسپتالن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو هو، پر اسپتالن جي ڳولا ڪندي سندس گهرواري ۽ ٻار حياتي وڃائي ويٺا.

نيلم جي مڙس ٻڌايو ته ڊاڪٽر هن جي مدد نه ڪئي، اسپتال انتظاميا ۽ عملي جي لاپرواهي سبب گهرواري ۽ ٻار فوت ٿي ويا.

نيو يارڪ ٽائم موجب، نيلم ڪماري اڪيلي نه پر اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون ڀارتي شهر حيدرآباد ۽ والاريل ڪشمير ۾ موت جي وادي ڏانهن وينديون آهن.

نيو يارڪ ٽائم اخبار لکي ٿو ته دهلي جون اسپتالون مريضن سان ڀريل آهن ۽ طبي عملو ڪرونا متاثرين جي علاج کان خوفزده آهن…………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.