بين الصوبائي رابطن جي وزارت پاڪستان اسپورٽس بورڊ جوڙي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بين الصوبائي رابطن جي وزارت پاڪستان اسپورٽس بورڊ جوڙي ڇڏيو.

بين الصوبائي رابطن جي وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هائير ايجوڪيشن ڪميشن چيئرمين به پاڪستان اسپورٽس بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ موجب مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان (نيسپاڪ) يا ان جا نمائندا بورڊ جا ميمبر هوندا، ايٿليٽڪ فيڊريشن جي صدر ۽ سيڪريٽري کي به پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي.

پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو صدر، سيڪريٽري ۽ سروسز اسپورٽس ڪنٽرول بورڊ جو صدر ۽ سيڪريٽري، جڏهن ته پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جو صدر به بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن.

نوٽيفڪيشن موجب مشهور ڪاروباري شخصيت عقل ڪريم ڍيڊي سميت شفيق احمد عباسي کي به پاڪستان اسپورٽس بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.