انگلينڊ دوري کان اڳ قومي ٽيم جا 3 نوجوان رانديگر ڪورونا وائرس جو شڪار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ دوري کان اڳ گرين شرٽس کي ڌڪ لڳو آهي ۽ 3 رانديگر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان، حيدر علي ۽ حارث رئوف جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي.

پي سي بي ٽنهي رانديگرن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪندي کين سيلف آئسوليشن ۾ وڃڻ جي به هدايت ڪئي آهي ۽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ ٽنهي رانديگرن سان مڪمل رابطي ۾ آهيون.

هوڏانهن عثمان شنواري ۽ عماد وسيم جي ڪووڊ-19 جي ٽيسٽ ناڪاري اچڻ بعد ٻنهي رانديگرن کي 24 جون تي لاهور پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شعيب ملڪ، ڪلف ڊيڪن ۽ وقار يونس سميت اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۽ آفيشلز جي ٽيسٽ به اڄ مڪمل ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي انگلينڊ ۾ 3 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، سيريز آگسٽ کان سيپٽمبر تائين شيڊيول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.