انگلينڊ دورو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ ”رسڪ فلٽر“ قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنسز ڊاڪٽر سهيل سليم چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي انگلينڊ دوري ۾ رسڪ فلٽر آهي پر ان رسڪ کي محدود کان محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي 28 جون تي خصوصي اڏام ذريعي انگلينڊ جي دوري تي وڃڻو آهي ۽ روانگي کان اڳ رانديگرن جي پهرين ڪووڊ 19 ٽيسٽنگ مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 25 جون تي ٿيندي.

پي سي بي جي ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنسز ڊاڪٽر سهيل سليم ويڊيو ڪانفرنس ذريعي ميڊيا سيشن ۾ ٻڌايو ته انگلينڊ روانگي کان اڳ رانديگرن ۽ مينيجمنٽ جي ميمبرن جي ڪووڊ-19 ٽيسٽنگ جا انتظام ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته پهرين ٽيسٽنگ جا انتظام 4 اسٽيشنز تي ڪيا ويا آهن، جنهن جا نتيجا 24 جون تي اچي ويندا ۽ ان کانپوءِ ئي رانديگرن کي پنهنجي پنهنجي مقامن کان لاهور گهرايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن رانديگر جي رپورٽ هاڪاري ايندي ته کيس لاهور نه گهرايو ويندو ۽ کيس گهر ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويندو، اسڪواڊ 24 جون تي بائيو سيڪيور ماحول ۾ هوندو ته جيئن وائرس جو لوڊ گهٽ کان گهٽ ٿي سگهي، هوٽل ۾ بائيو سيڪيور ماحول جا پروٽوڪولز به ٺاهيا ويا آهن پر هڪ وقت ۾ هڪ جڳهه تي تعداد کي محدود رکيو ويندو.

هن چيو ته جيڪڏهن انگلينڊ ۾ ڪنهن جي رپورٽ هاڪاري ٿي اچي ته ان کي فوري طور تي آئيسوليٽ ڪيو ويندو، لڳاتار ٽيسٽنگ ٿيندي ۽ هر ڀيري هاڪاري اچڻ تي اتي جي اسپتال جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ان لاءِ اهي سرگرميون هجڻ گهرجن، رسڪ فيڪٽر تمام گهڻو آهي، انتظامن تي عمل ڪيو ويو ته رسڪ فيڪٽر کي محدود ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.