پاڪستان ۾ ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل سسٽم متعارف

 

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جي طريقي ڪار کي سولو بڻائيندي شهرين لاءِ ”ڊجيٽل ڊرائيونگ لائسنس“ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي.

اهو ڊجيٽل ڊرائيونگ لائسنس سسٽم شهرين کي سهولت فراهم ڪندي بنا ڪنهن ڪاغذي ڪارروائي جي ڊگهي چڪر بدران رڳو سڃاڻپ ڪارڊ تي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪندو.

ان سسٽم کي پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ پوليس آفيسر راولپنڊي جي ڀائيواري سان متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان نئين سسٽم مان اهڙا شهري، جن جو ڊرائيونگ لائسنس ايڪسپائر ٿي ويو آهي، اهي به ڊجيٽل نظام ذريعي سولائي سان ٻيهر لائسنس حاصل ڪري سگهندا.

ڊجيٽل ڊرائيونگ لائسنس سسٽم تحت شهرين کي رڳو پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بئنڪ چالان پيش ڪرڻو پوندو، جڏهن ته کين ڪنهن به قسم جي دستاويزن جي ضرورت نه هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.