ڪينيڊا ۾ پوليس جي فائرنگ سان پاڪستان ڄائو شهري مارجي ويو

 

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ پوليس جي فائرنگ سان پاڪستان ڄائو شهري مارجي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽورنٽو ۾ ۾ رهندڙ اعجاز احمد چوڌري ذهني مريض هو ۽ دوائون نه کائڻ تي سندس گهر ڀاتين پوليس جي مدد طلب ڪئي هئي.

پوليس اهلڪار اعجاز چوڌري جي اپارٽمينٽ ۾ داخل ٿيا ته سندس هٿ ۾ ڇُري هئي، جنهن کي ڏسي اهلڪارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني ۽ هو مارجي ويو.

پوليس جي اهڙي ڪارروائي تي پاڪستاني ڪميونٽي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس پنهنجي اهلڪارن خلاف جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.