انگلينڊ جي ڪنڊيشن پاڪستان کي فائدو ڏيندي: ثقلين مشتاق

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آف اسپنر ثقلين مشتاق انگلينڊ دوري جي حوالي سان چيو آهي ته سائوٿمپٽن ۽ مانچسٽر جي ڪنڊيشنز پاڪستان جي حق ۾ آهي.

تازو پي سي بي جي هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ انٽرنيشنل پليئرز ڊولپمينٽ جو سربراهه مقرر ٿيندڙ ثقلين مشتاق هڪ انٽرويو ۾ چيو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪورونا وائرس سبب نه رڳو راند به سڄي دنيا ۾ زندگي تبديل ٿي وئي آهي، ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان جون ٽيمون انگلينڊ جو دورو ڪري تاريخ لکڻ وڃي رهيون آهن، آءِ سي سي ۽ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي اهڙا قدم ساراهڻ گهرجن.

سندس چوڻ هو ته دوري جو وقت ۽ ڪنڊيشنز پاڪستاني ٽيم جي حق ۾ آهي، سائوٿمپٽن ۽ مانچسٽر امڪاني طور ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جا هنڌ هوندا، منهنجي خيال ۾ ان وقت پاڪستاني ٽيم لاءِ حالتون سازگار هونديون.

واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم 3 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ امڪاني طور 28 جون تي انگلينڊ لاءِ رواني ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.