حيدر علي ٽيم ۾ روهت شرما جهڙو ڪردار نڀائڻ جو خواهشمند

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽسمين حيدر علي چيو آهي ته ڀارت جو روهت شرما منهنجو رول ماڊل آهي، پاڪستاني ٽيم ۾ به اهو ئي ڪردار نڀائڻ چاهيان ٿو، جيڪو ڀارت لاءِ روهت شرما نڀائيندو آهي.

انگلينڊ جي دوري لاءِ پهريون ڀيرو پاڪستاني ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ حيدر علي چئي ٿو ته ان سيريز دوران سکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندس، جڏهن ته ملڪ لاءِ وڏي عرصي تائين کيڏڻ جو خواهشمند آهيان.

هن چيو ته ٽيم ۾ بابر اعظم ۽ اظهر علي جهڙا بيٽسمين گڏ آهن، جڏهن ته مصباح الحق ۽ يونس خان جهڙا لينڊري ڪوچ موجود آهن، جن وٽان سکڻ جو بهترين موقعو آهي، شروع کان خواهش هئي ته يونس خان کان ڪجهه سکان ۽ اها خواهش پوري ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي ڪرڪيٽر روهت شرما منهنجو آئيڊيل آهي ۽ ان وانگر جارح مزاج ۽ ڪلين هٽنگ ڪندڙ بيٽسمين بڻجڻ چاهيان ٿو، جيڪي ميچ فنش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

حيدر علي چيو ته روهت شرما ففٽي کي سينچري ۽ سينچري کي ڊبل سينچري ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف رکندو آهي ۽ هن جي اها صلاحيت گهڻي متاثر ڪندڙ آهي، خواهش آهي ته مان به ان وانگر ڊگهو اسڪور ڪيان.

نوجوان بيٽسمين وڌيڪ چيو ته بيٽنگ آرڊر ۾ تبديلي سان فرق نه پوندو، مان مٿي اچي پاور هٽنگ به ڪري سگهان ٿو ۽ مڊل آرڊر ۾ صورتحال موجب به کيڏي ويندس، ڊوميسٽڪ ۾ هر فارميٽ کيڏيو آهي ۽ ذهني طور تيار آهيان ته ٽنهي فارميٽن ۾ ڪيئن کيڏڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.