نوجوانن ۾ اڪيلائيءَ جو احساس گهڻي حد تائين وڌي ويو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا جي 237 ملڪن مان 46 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيل هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته اڪيلائيءَ جو احساس نوجوان نسل کي اڳوڻن خيالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ۽ سخت طور تي متاثر ڪري رهيو آهي.

يونيورسٽي آف ايڪسيٽر برطانيا جي نفسياتي ماهرن جي قيادت ۾ ڪيل ان سروي ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن جي عمر 16 کان 99 سالن جي وچ ۾ هئي.

سروي جي نتيجن ۾ جتي اها خبر پئي ته سڄي دنيا جو نوجوان نسل اسان جي اڳوڻي ڄاڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڪيلائيءَ جي احساس جو شڪار آهي، اتي ئي اها به خبر پئي آهي ته جن ملڪن ۾ نئون نسل جواني جي دَر تي قدم رکندي ئي پنهنجي والدين ۽ گهر کان الگ ٿي آزاد زندگي گذارڻ لڳندو آهي، انهن ملڪن جي نوجوانن ۾ اڪيلائيءَ جو احساس به وڌيڪ ڏٺو ويو.

ڌيان طلب ڳالهه آهي ته جن معاشرن ۾ گڏجي سڏجي رهڻ جو رجحان وڌيڪ آهي، اتان جي بزرگن ۾ به اڪيلائيءَ جو احساس مشاهدي ۾ تمام گهٽ آيو ۽ حيران ڪندڙ انڪشاف اهو ٿيو آهي ته ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن ۾ اڪيلائيءَ جو احساس وڌيڪ هوندو آهي پر بس اهي ان جو اقرار ناهن ڪندا.

نوجوانن ۾ وڌنڌڙ اڪيلائيءَ جي احساس جو هڪ وڏو سبب ”سوشل ميڊيا“ کي به قرار ڏنو ويو آهي ۽ صلاح ڏني وئي آهي ته سوشل ميڊيا کي سماجي لاڳاپن ۾ واڌ جي شئي نه سمجهيو وڃي ۽ نه ئي سماجي لاڳاپن جي متبادل.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.