رات جو دير سان کاڌو کائڻ جو وڏو نقصان سامهون اچي ويو…!

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه رات جو دير سان کاڌو کائڻ جيتوڻيڪ هڪ فيشن بڻجي ويو آهي پر سائنسدانن نئين تحقيق ۾ ائين ڪندڙن کي سخت وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

جان اپڪنز يونيورسٽي جي سائنسدانن جي تحقيق جي نتيجن موجب جيڪي ماڻهو رات جو دير سان کاڌو کائن ٿا ۽ پوءِ تڪڙي هنڌ تي ليٽي پون ٿا، انهن ۾ ٿولهه جو خطرو وڌي وڃي ٿو، جيڪا مختلف مرضن جو سبب بڻجي ٿي.

تحقيق ۾ سائنسدانن 20 صحتمند مردن ۽ عورتن تي تجربا ڪيا، انهن مان هڪ گروپ کي شام 6 وڳي کاڌو کائڻ، جڏهن ته ٻئي گروپ کي رات جو 10 وڳي کاڌو کائڻ جو چيو ويو، جنهن جي ڪجهه دير کانپوءِ کين سمجهڻ لاءِ چيو ويو.

طبي ماهر رات جو سمهڻ وقت انهن جي جسمن ۾ چرٻي خرچ ٿيڻ جي شرح جاچيندا رهيا ۽ نتيجن مان خبر پئي ته رات جو دير سان کاڌو کائيندڙن جا جسم ٻئي گروپ جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو گهٽ چرٻي ڳاري رهيا هئا ۽ اهي ماڻهو تيزيءَ سان ٿولهه جو شڪار ٿيندا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.