هاڻ پاڪستان به اين 95 ماسڪ ٺاهيندو…!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو آهي ته پاڪستان هاڻ پنهنجا اين 95 ماسڪ ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي.

ڊاڪٽر نوشين حامد قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته پاڪستان چين جهڙو لاڪ ڊائون نٿو ڪري سگهي، ڇو ته اسان کي لاڪ ڊائون به ڪرڻو آهي ۽ معيشت کي به بچائڻو آهي، تنهن ڪري ڪورونا کان بچاءَ جو اڪيلو حل ايس او پيز تي عمل آهي.

هن چيو جڏهن وبا آئي ته 2200 وينٽي ليٽر هئا پر هاڻ ائين ناهي، چين مان 1473 وينٽي ليٽر اچي رهيا آهن، جن مان 341 وينٽي ليٽر ملي چڪا آهن ۽ 15 جون تائين وڌيڪ 245 وينٽي ليٽر چين کان ملي ويندا.

سندس چوڻ هو ته گذريل هفتي وفاقي حڪومت سڀني صوبن کي 250 وينٽي ليٽر فراهم ڪيا هئا، ان کانسواءِ حڪومت نجي اسپتالن سان وينٽي ليٽرن جي حوالي سان معاهدو ڪرڻ وڃي رهي آهي، ايم او يو تحت پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل ڪورونا مريضن جا خرچ حڪومت ادا ڪندي.

نوشين حامد ٻڌايو ته اسان 25 کان 30 هزار ٽيسٽون روز ڪري رهيا هئاسين پر هاڻ 46 هزار ٽيسٽن جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي، گڏوگڏ هڪ هزار وڌيڪ آءِ سي يو بيڊن جي تياري شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان هاڻ پنهنجا اين 95 ماسڪ ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ به اچي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.