واٽس ايپ اڪائونٽ هاڻ هڪ ئي وقت وڌيڪ ڊوائيسز تي استعمال ڪري سگهبو

واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جو ڊگهي عرصي کان واهپيدارن کي انتظار آهي، ڇو ته اهو فيچر ٻين مشهور ايپس ۾ اڳ ئي موجود آهي.

واٽس ايپ جي ان نئين فيچر سان واهپيدار پنهنجي اڪائونٽ کي هڪ کان وڌيڪ ڊوائيسز تي هڪ ئي وقت استعمال ڪري سگهندا.

گذريل ڪجهه هفتن دوران واٽس ايپ ڪيترائي فيچر متعارف ڪرايا آهن پر هن سال جي اهم ترين فيچرن ۾ هڪ واٽس ايپ اڪائونٽ کي هڪ ئي وقت مختلف ڊوائيسز ۾ استعمال ڪرڻ هوندو.

واٽس ايپ کي ڪنهن ٻي ڊوائيس ۾ هلائڻ لاءِ ان کي نئين سر سائن اپ ڪرڻو پوندو آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ فيس کي ڪيترين ئي ڊوائيسز ۾ هڪ ئي وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ان فيچر جي حوالي سان ڪمپني طرفان گذريل سال کان ڪم ٿي رهيو هو پر هاڻ واٽس ايپ جي اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ ٽوئيٽ اڪائونٽ WABetaInfo ٻڌايو آهي ته اهو فيچر بيٽا ورزن ڏانهن اڳڀرائي ڪري رهيو آهي.

في الحال اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين ان کي عملي شڪل ڏني ويندي پر امڪان آهي ته ان کي هلندڙ سال ڪنهن به وقت متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.

اڃا اهو به واضح ناهي ته واٽس ايپ طرفان ڪيترين ئي ڊوائيسز جي سپورٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ ميسينجر کي انڪرپٽڊ ڪيئن رکيو ويندو پر ان جو هڪ اندازو تازو واٽس ايپ جي ڪلائوڊ سرور ۾ محفوظ ٿيندڙ ڊيٽا کي انڪرپٽ ڪرڻ ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.