ڪورونا وبا دوران پاڪستان ۾ آن لائن هراسمينٽ جي واقعن ۾ وڏي پئماني تي واڌ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا وائرس نه رڳو ملڪ جي معيشت ۽ صحت جي نظام کي متاثر ڪيو آهي پر ان دوران ڪيترن ئي سماجي ۽ ٻين مسئلن پڻ جنم ورتو آهي.

ڪورونا وائرس دوران پاڪستان ۾ گذريل ٻن مهينن اندر آن لائن هراسمينٽ جي واقعن ۾ 189 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

اها ڊيٽا سائبر هراسمينٽ هيلپ لائن ذريعي گڏ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مارچ ۽ اپريل جي مهينن ۾ آن لائن هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ 189 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي.

ڊيٽا موجب انهن آن لائن هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ 74 سيڪڙو عورتن طرفان دانهن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 19 سيڪڙو مردن ڪيس رپورٽ ڪيا آهن.

سائبر هراسمينٽ هيلپ لائن تي رپورٽ ٿيل واقعن ۾ تصويرن، ويڊيوز ۽ ٻين ذاتي معاملن ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ جون شڪايتون شامل آهن.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي روڪ ٿام لاءِ لاڪ ڊائون سبب سائبر هراسمينٽ آفسون بند آهن، جنهن سبب واهپيدارن طرفان شڪايتون اي ميل ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڪيون پيون وڃن.

هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ گھڻي قدر ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪري پنهنجو وقت گذاري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.